اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي وزيرن ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن چيو آهي ته تحريڪ انصاف ??زيراعظم محمد نواز شريف تي هنيل الزامن جي حوالي سان عدالت ۾ ڪي ٺوس ثبوت پيش ناهي ڪري سگ??ي، وزيراعظم ماضي وانگر الزامن مان باعزت بري ٿي ويندو. سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان بني گالا ۾ ويهي تمام گهڻيون ڳالهيو ڪري ٿو پر سندس وڪيل عدالت ۾ هنيل الزامن جي حوالي سان ڪي ٺوس ثبوت پيش ناهن ڪري سگ??يا. پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف تي ماضي ۾ به ڪوڙا الزام هنيا ويندا رهيا آهن پر اسان عدالت ۾ ثابت ڪندا??ين ته محمد نواز شريف جي پوري فيملي نيڪ نام آهي.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری