اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) ن??ئب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم آنجهاني ڊاڪٽر منموهن سنگهه جي لا??اڻ?? تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ن??ئب وزيراعظم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته ڊاڪٽر منموهن سنگهه جي لا??اڻ?? جي خبر ٻڌي افسوس ٿيو. پاڪست??ن جي چڪوال ضلعي جي هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندڙ ڊاڪٽر منموهن سنگهه هڪ ناليوارو اقتصاديات جو ماهر ۽ سياسي اڳواڻ هو. آنجهاني کي س??دس دانشمندي ۽ نرم مزاجي جي طور تي ياد رکيو ويندو. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته اقتصاديات جي ميدان ۾ پنهنجي نمايان ڪاميابين کان هٽي ڪري ڊاڪٽر منموهن سنگهه علائق??ئي امن جي فروغ جي لاءِ عزم رکندو هو، علائق??ئي مسئلن تي س??دس موقف س??دس ان يقين جي عڪاسي ڪندو هو ته گڏيل افهام تفهيم، ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون گڏيل ترقي جي لاءِ ضروري آهي. هن بطور وزيراعظم پنهنجي دور ۾ پاڪ ڀارت ٻطرفن لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۾ ذڪر جوڳو ڪردار ادا ڪيو. ن??ئب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪست??ن جي عوام ۽ حڪومت ڊاڪٽر منموهن سنگهه جي گهرڀاتين ۽ ڀارتي حڪومت ۽ عوام سان پنهنجي دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿو.
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق پاران ڊار ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم آنجهاني ڊاڪٽر منموهن سنگهه جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔