اسلام آباد- 11 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 94.8 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي. جولاءِ کان اپريل تائين واپاري خسارو 21.6 سيڪڙو جي گهٽتائي کانپوءِ 17.7 ارب ??الر تي اچي ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي ??رصي دوران 22.6 ارب ??الر هو. اقتصادي سروي موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران پرڏيهي ناڻي ۾ 3.5 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 23.8 ارب ??الرن تائين پ??چي ويو. گذريل مالي سال جي انهي ??رصي دوران 23 ارب ??الرن جو پرڏيهه مان اماڻيل ناڻو رڪارڊ ٿيو هو. حڪومت جي سڌارن وارين پاليسين ۽ معاشي بحالي لاءِ کنيل قدمن جي نتيجي ۾ پرڏيهي ??يڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو. هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران پرڏيهي ??يڙپڪاري ۾ 8.1 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران پرڏيهي ??يڙپڪاري ۾ 8.1 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي هڪ ار?? 50 ڪروڙ ڊالر تائين پ??چي وئي، جيڪا گذريل مالي سال جي انهي ??رصي دوران هڪ ار?? 30 ڪروڙ ڊالر رڪارڊ ٿي هئي. هلندڙ مالي سال دوران مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ به چڱو اضافو ٿيو آهي ۽ اهي وڌي 14 ارب ??الرن تائين پ??چي ويا آهن. هن وقت اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 8 ار?? 90 ڪروڙ ڊالر آهن. معاشي سڌارن جي نتيجي ۾ روپئي جي قدر ۾ لاٿ جو سلسلو رڪجي ويو ۽ جون 2023ع کانپوءِ روپئي جي قدر ۾ 2.8 سيڪڙو اضافو جو رڪارڊ ٿيو.
هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 94.8 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي: اقتصادي سروي
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena