اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ آذربائ??جا?? جي اعليٰ آڊٽ ادارن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته بهترين آڊٽ طريقا هڪ ٻئي سان شيئر ڪرڻ سان شفافيت ?? مالياتي احتساب وڌائڻ ۾ مدد ملندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار جمهوريه آذربائ??جا?? جي چيمبر آف اڪائونٽس جي دوري تي آيل چيئرمين ووگر گل محمدوف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پنهنجي وفد سان گڏ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان (اي جي پي) محمد اجمل گوندل ۽ اي جي پي جي عملدارن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته پبلڪ سيڪٽر اڪائونٽنگ سرڪاري ادارن جي مالياتي انتظام جو اهم جز آهي. هن چيو ته آڊٽ سرڪاري خرچن ۾ شفافيت ?? جوابدهي جي لاءِ اهم آهي. چيئرمين چيمبر آف اڪائونٽس آف آذربائ??جا?? صدر کي ٻنهي ملڪن جي سپريم آڊٽ ادارن جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت بابت ٻڌايو. صدر چيو ته مفاهمت جي ياداشت سان پبلڪ سيڪٽر آڊيٽنگ جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون ۾ اضافو ٿيندو. هن آذربائ??جا?? جي سپريم آڊٽ اداري جو جائزو وٺڻ ۾ آڊيٽر جنرل جي ڪردار کي ساراهيو. چيمبر آف اڪائونٽس آف آذربائ??جا?? جي چيئرمين ووگر گل محمدوف صدر کي آذربائ??جا?? جي سپريم آڊٽ انسٽيٽيوشن ۽ سپريم آڊٽ انسٽيٽيوشن آف پاڪستان جي وچ ۾ پبلڪ اڪائونٽس جي جائزه مفاهمت جي ياداشت بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته ايم او يو سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. صدر چيو ته پاڪستان آذربائ??جا?? سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان – آذربائ??جا?? لاڳاپا گڏيل عقيدي، تاريخي ۽ عوامي رابطن تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون مضبوط بڻائڻو پوندو. صدر چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ افهام تفهيم ترقي جي لاءِ اهم آهي، پاڪستان ۽ آذربائ??جا?? جي وچ ۾ تعاون خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ اهم آهي. صدر 7 فيبروري 2024ع جي چونڊن ?? ٻيهر چونڊجڻ تي آذربائ??جا?? جي صدر الهام عليوف کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته اميد آهي ته پاڪستان ۽ آذربائ??جا?? جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.
پاڪستان ۽ آذربائيجان جي اعليٰ آڊٽ ادارن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ گهرجي: صدر
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino