اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) بابت عوامي راءِ جوڙڻ ۾ ميڊيا جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو آه?? ته ميڊيا سي پيڪ جي حقيقي اثرن ۽ امڪانن کي صحيح طريقي سان عوام تائين پهچائيندي تعميري مڪالمي ۾ پنهنجو حصو وجهي، سي پيڪ رڳو بنيادي ڍانچي جو منصوبو نه آه??، سي پيڪ سان پاڪستان جو سماجي ۽ اقتصادي منظرنامو تبديل ٿيو آه??، سي پيڪ تحت 2013ع کان هيستائين 2 لک 36 هزار روزگار جا موقعا پيدا ٿيا. ڪامسٽيڪ ۾ اٺين چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) ميڊيا فورم کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته 2018ع ۾ کيس چين ۾ ٿيندڙ سي پيڪ ميڊيا فورم جي چوٿين ايڊيشن ۾ شرڪت جو موقعو مليو، جيڪو چين پاڪستان اقتصادي لنگهه بابت پروپئگنڊه کي چئلينج ڪرڻ جي لاءِ مخصوص هو. هن چيو ته پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ 2014ع ۾ سي پيڪ ميڊيا فورم جي شروعات ڪئي ته جيئن سي پيڪ جي خلاف ٿيندڙ پروپئگنڊه بابت گهري آگاهي ??يدا ڪري سگهجي. هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي لاءِ انتهائي مناسب وقت تي آيو جنهن مستقبل بابت پاڪستان جي عوام ۾ اميد، اعتماد ۽ يقين پيدا ڪيو. هي ??نصوبو هاڻي هڪ حقيقت بڻجي چڪو آه??. هن چيو ته 2013ع ۾ پنهنجي شروعات کانپوءِ کان چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) پاڪستان جو سماجي ۽ اقتصادي منظرنامو تبديل ڪري ڇڏيو آه??، توانائي جي سنگين بحران کي منهن ڏيڻ ۾ سي پيڪ پاڪستان کي مدد فراهم ڪئي. هن چيو ته سي پيڪ کان اڳ پاڪستان کي 2013ع ۾ مختلف چئلينجز درپيش هئا جن ۾ ڊگهي ??وڊشيڊنگ سميت معاشي خسارو شامل هو. هن چيو ته سي پيڪ رڳو بنيادي ڍانچي جو منصوبو نه آه??، ان منصوبي تحت 2013ع کان هيستائين 2 لک 36 هزار روزگارجا موقعا پيدا ٿيا، ان منصوبي سان مقامي افرادي قوت کي ترقي جو موقعو مليو جڏهن ته ان منصوبي سان علائقائي فرق جي خاتمي ۾ پڻ مدد ملندي. هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي معاشي واڌويجهه کي نمايان طور تي بلند ڪيو ۽ ان ۾ 2 کان 2.5 سيڪڙو سالياني شرح سان اضافو ڪيو. هن چيو ته توانائي جي شعبي ۾ سي پيڪ جي 17 هزار 45 ميگاواٽ جي وڏي صلاحيت جنهن ۾ هائيڊرو، ونڊ، سولر ۽ ڪوئلي سان بجلي جي پيداوار شامل آه??، ان پائيدار ۽ اعتماد جوڳي توانائي جي فر??هم?? کي يقيني بڻايو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) بابت عوامي راءِ جي جوڙجڪ ۾ ميڊيا جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو ته پروپئگنڊه عوامي راءِ کي تبديل ڪري ٿي، ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ميڊيا معلومات جي صحيح فر??هم?? ۽ غيرجانبداراڻي بيانيي کي ذميواري سان اڳتي ڦهلايو. هن چيو ته اڄ جي معلوماتي دور ۾ سچائي جي محافظ طور ميڊيا جو ڪردار اڳ کان ڪيترائي وڌيڪ اهم آه??. هن چيو ته سي پيڪ نه رڳو اسان جي قوم کي ترقي ڏني پر هڪ روشن، وڌيڪ خوشحال پاڪستان جي لاءِ اميد جو ڪرڻو بڻجي ويو آه??، هڪ خوشحال مستقبل جي لاءِ سي پيڪ جي حقيقي اثرن ۽ امڪانن کي صحيح طريقي سان عوام تائين پهچائڻ ۾ ميڊيا جو تعميري مڪالمي ۾ حصو لازمي آه??.
سي پيڪ بابت عوامي راءِ جوڙڻ ۾ ميڊيا پنهنجو ڪردار ادا ڪري: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania