لاهور – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالمي ادارن تي زور ڏيندي چيو آهي ته اهي فلس??ين ۾ اسرائيلي ظلم?? جو نوٽيس وٺن، فلس??ين ۾ اسرائيل پاران معصوم ٻارن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، اسرائيلي ظلم برداشت جوڳا نه آهن، اولهندي مفادن کي انساني حقن تي ترجيح نه ٿي ڏئي سگهجي، سعودي عرب مصنوعي ذهانت تي وڏي رقم خرچ ڪري رهيو آهي، سوشل ميڊيا جي طاقت کان ڪير انڪار نه ٿو ڪري سگهي، سوشل ميڊيا جي ذريعي طرح طرح جون جعلي خبرون ڦهلايون وڃن ٿيون، ٽيڪنالاجي جي ڪري معاشري جي امير ۽ غريب طبقي جي وچ ۾ فرق وڌي ويو آهي. هو لاهور ۾ تحريڪ پاڪستان ورڪرز ٽرسٽ جي اهتمام هيٺ سالياني 29 هين عطائي گولڊ ميڊل تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي مشاهد حسين سيد، وائيس چيئرمين تحريڪ پاڪستان ٽرسٽ ميان فاروق الطاف، مجيب الرحمان شامي، ڪرنل (ر) محمد سليم مل?? سميت ٻيا ماڻهو موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جن ماڻهن پاڪستان جي ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو انهن جي لاءِ هي گولڊ ميڊل ڪا خاص حيثيت نٿو رکي پر انهن شخصيت?? جو ان ۾ ڪردار وسارڻ جوڳو نه آهي، نظريه پاڪستان جي آفيس ۾ انه?? جون تصويرون به لڳل آهن جيڪي پاڪستان کي وجود ۾ آڻڻ جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ ڪوششن کي استعمال ۾ آندو. هن چيو ته مسلمانن کي جهڙي طرح 1857ع جي جنگ ۾ شهيد ڪيو ويو ان کانپوءِ سر سيد احمد خان چيو ته مسلمانن کي گهرجي ته اهي علم حاصل ڪن ته جيئن اهي هر ميدان ۾ اڳتي وڌن ۽ اهڙي قيادت ميسر هجي جيڪا ان قابل هجي ته ان ۾ ڪامياب زندگي گذارڻ جون سوريون خوبيون موجود هجن ۽ اهي علم سان ليس هجن. هن چيو ته سر سيد علي خان چيو هو ته اسان کي 20 کان 25 سال گهرجن ته جيئن مسلمان علم حاصل ڪري سائنس ۽ جديد علم جي ميدان ۾ اڳتي وڌن جيئن ته اهڙي طرح سان جيڪي مسلمان اڳتي وڌي قيادت سنڀاليندا اهي مسلمانن جي صحيح رهنمائي ڪري سگهندا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جديد رياست کانسواءِ مسلمان اڳتي نٿا وڌي سگهن، علامه اقبال به ان ڳالهه تي زور ڏنو هو ته مسلمان انگريزي، جديد ۽ سائنسي علم پڻ حاصل ڪن ته جيئن اهي ننڍي کنڊ ۾ رهندڙ باقي قوم?? جو مقابلو ڪري سگهن. هن چيو ته قائداعظم ڪڏهن به فرقه پرستي تي ڳالهه نه ڪئي پر قائداعظم مسلم اسٽوڊنٽ فيڊريش?? جو بنياد رکي ان جي تربيت ڪئي. هن چيو ته غز?? ۾ جهڙي طرح سان مسلمانن کي شهيد ڪيو پيو وڃي اهو مذمت جوڳو آهي پر افسوس اهو ته يورپ ۽ يو اين او پاران اهڙي طرح جي مذمت نه ڪئي وئي جيڪا ڪرڻ گهرجي ها، غز?? ۾ اخلاقيات جو جنازو ڪڍيو ويو آهي ۽ مسلمانن کي بيدرديءَ سان شهيد ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته مسلمانن کي جيڪڏهن اڳتي وڌڻو آهي ته قرآن ۽ سنت ۽ خلفاءِ راشدين جي قانون کي لاڳو ڪري ئي اڳتي وڌي سگهجي ٿو، اسان جي بقاءَ قرآن ۽ سنت تي عمل ڪرڻ ۾ آهي. هن چيو ته حضور پاڪ ﷺ پٺتي پيل طبقي جي مدد ڪئي ۽ انهن انصاف کي ترجيح ڏني، انهن مديني جي رياست کان اڳ ئي انهن سمورين شين کي معاشري ۾ لاڳو ڪيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جهڙي طرح شام جي ٻار?? جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون اهي تمام دل ڏکوئيندڙ هيون اهڙي طرح سان غز?? ۾ ٻارن کي شهيد ڪيو ويو آهي جنهن کي ڏسي دنيا کي ان جي مذمت ڪرڻ گهرجي.
عالمي ادارا فلسطين ۾ اسرائيلي ظلمن جو نوٽيس وٺن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo