اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪست??ن سوئيٽ هوم معاشري جي سڀ کان ڪمزور طبقي جي حفاظت، پرورش ۽ تعليم جو ذريعو آهي، پاڪست??ن سوئيٽ هوم جي ٻارن زندگي جي سمورن شعبن ۾ پنهنجي صلاحيتن ک?? ثابت ڪيو آهي. اها ڳالهه هن پاڪست??ن سوئيٽ هوم جي سرپرست اعليٰ زمرد خ??ن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي زمرد خان جي پاڪست??ن سوئيٽ هوم جي ٻارن جي لاءِ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته زمرد خان جو اڻٿڪ جذبو ۽ پاڪست??ن سوئيٽ هوم جي ذريعي يتيمن ۽ ضرورتمند ٻارن جي خدمت قا??ل رشڪ آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي زمرد خان چيو ته پاڪست??ن سوئيٽ هوم اڄ پنهنجا مقصد حاصل ڪري رهيو آهي، پاڪست??ن سوئيٽ هوم جي ٻارن ک?? جديد تعليم سان گڏوگڏ بهترين تربيت پڻ ڏني پئي وڃي، اميد آهي اهي ٻار مستقبل ۾ ملڪ جي اهم شعبن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندا.
پاڪستان سوئيٽ هوم معاشري جي سڀ کان ڪمزور طبقي جي حفاظت، پرورش ۽ تعليم جو ذريعو آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ