ڄامشورو -06 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم واري وفاق?? وزير مدد علي سنڌي شھيد اللھ بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائن اينڊ ھيريٽيجز ڄامشوري جو دورو ڪري نئين تعمير ٿيندڙ بلڊنگ جو افتتاح ڪي??. يونيورسٽي پهچڻ تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو وفاق?? وزير جي آجيان ڪئي. وفاق?? وزير مدد علي سنڌيءَ پرفارمنگ آرٽ ۽ انٽيريئر ڊزائن ڊپارٽمينٽ جي پيڙهه جو پٿر رکيو. وائيس چانسلر کيس تعميراتي ڪم، ڊيزائن، لاڳت ۽ منصوبي جي مڪمل ٿيڻ جي وقت بابت بريفنگ ڏني. وفاق?? وزير، يونيورسٽيءَ ۾ اي آر ناگوري آرٽ گيلري ۾ فائن آرٽ، ٽيڪسٽائيل ڊيزائن، ڪميونيڪيشن ڊيزائن، آرڪيٽيڪچر ۽ سيرامڪس جي شاگردن پاران رکيل نمائش جو معائنو ڪي??. هو شاگردن جي فن ۽ صلاحيتن کان بيحد متاثر ٿيو. نمائش جي دوري کانپوءِ وائيس چانسلر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو، وفاق?? وزير کي يونيورسٽي جي ڪاميابين، ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي منصوبن بابت آگاهه ڪي??. مدد علي سنڌي معياري تعليم ?? يونيورسٽي جو معيار بلند ڪرڻ لاءِ انتظاميه جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ هر ممڪن سهڪار ڪرڻ جو يقين ڏياريو. وائيس چانسلر پاران وفاق?? وزير کي سووينئر، اجرڪ ۽ سنڌي ٽو??ي پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاق?? وزير ??ان گڏ انٽر بورڊز ڪوآرڊينيشن ڪميشن جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام علي ملاح، ڊائريڪٽر جنرل نيوٽيڪ عزيز الله چانڊيو، سينيئر صحافي نياز پنهور ۽ ٻيا گڏ هئا.
تعليم واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي پاران سيبس يونيورسٽي ڄامشوري جو دورو
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش