اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مالديپ ۽ پاڪستان جي گڏيل مفاد جي لاءِ واپاري ۽ اقتصدي تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار کي سگهه ڏيڻ سان گڏوگڏ مالديپ کي پاڪستاني مصنوعات برآمد ڪرڻ جا وسيع امڪان موجود آه??، پاڪستا?? مالديپ سان پنهنجي لاڳاپن کي ٻطرفي ڏس سميت سارڪ، او آءِ سي، گڏيل قومن ۽ دولت مشترڪه جي فريم ورڪ ۾ تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ مالديپ جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر فرزانه ظاهر سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلي جي شدت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته موسمياتي تبديلين سان ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن ٻنهي کي هڪ جهڙو خطرو آه??. صدر چيو ته پاڪستان ۽ مالديپ کي سياحت جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ ۽ هڪ ٻئي جي تجرب?? مان سکڻ جي ضرورت آه??. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڀارت پاران مسلمانن جي خلاف فرق ۽ انهن تي ظلم انتهائي ڳڻتي جوڳو آه??، عالمي برادري کي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران مسلمانن خاص طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن جو نوٽيس وٺڻ جي ضرورت آه??. صدر سارڪ جا مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ تنظيم جي ڪردار تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته اسلامي ملڪن کي اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گ??رج??. صدر عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر کي ان جي ملازمت جي مدي جي ڪاميابي سان پڄاڻي تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستا?? مالديپ لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هاءِ ڪمشنر جي ڪوششن کي ساراهيو.
مالديپ ۽ پاڪستان جي گڏيل مفاد جي لاءِ واپاري ۽ اقتصدي تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش