نٿياگلي -08 جولاءِ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان دنيا ۾ امن ۽ خوشحالي چاهي ٿو، گڏيل سهڪار سان پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ کي قدرتي آفتن کان تحفظ ۾ مدد حاصل ٿيندي. پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ وچ ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ وچ ۾ ايم او يو تي صحيون هڪ وڏو قدم آهي جنهن سان مستقبل ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻئي ملڪ ٽيڪنالاجي ۽ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. وز??راعظم چيو ته پاڪستان کي قدرتي آفتن کان بچڻ لاءِ آگاهي فراهم ڪرڻ واري جديد نظام سميت ٻين سهولتن جي دستيابي لاءِ سهڪار کي هٿي وٺائڻ جا خواهشمند آهيون. هن زور ڏيندي چيو ته پاڪستان عالمي ماحولياتي تبديلي جي اثرن سبب ڏاڍو متاثر ٿي رهيو آهي جڏهن ته ڪاربن جي نيڪال ۾ اسان جي ملڪ جو حصو ا??تهائي ٿورو آهي. وز??راعظم ان خواهش جو اظهار ڪيو ته پاڪستان سوئٽزرلينڊ سان گڏ مختلف شعبن خاص ڪري سياحت جي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان خوبصورت قدرتي نظارن سان مالا مال آهي. سوئس پرڏيهي وز??ر طرفان خطي ۾ امن و ا??ان جي تاثرن تي وز??راعظم چيو ته خطي ۾ امن و ا??ان جو قيام انتهائي ضرورت آهي ۽ سوئٽزرلينڊ خطي ۾ امن و ا??ان کي هٿي وٺائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستاني عوام جي فلاح و بهبود لاءِ ترقي ۽ خوشحالي کي هٿي وٺائڻ جا خواهشمند آهيون. اهڙي ريت اسان بيروزگاري، غربت جي خاتمي ۽ تعليم ۽ آءِ ٽي جي صنعت کي ترقي ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ سان گڏوگڏ زراعت جي شعبي کي ترقي ڏيڻ چاهيون ٿا. وز??راعظم محمد شهباز شريف وڌيڪ چيو ته عالمي برادري کي به اها ڳالهه نظر ۾ رکڻ گهرجي ته پاڪستان خطي ۾ ڇڪتاڻ برداشت نه ٿو ڪري ۽ نه ئي پنهنجا وسيلا ضايع ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته اسان پنهنجي وسيلن سان ملڪ جي ترقي جا خواشمند آهيون. وز??راعظم ان عزم جو به ورجاءُ ڪيو ته ڪشمير سميت ٻين تڪرارن جو خاتمو خطي ۾ ڊگهي امن و ا??ان کي قائم ڪرڻ لاءِ اڻٽر آهي. سوئٽزرلينڊ جي پرڏيهي وز??ر اگنازئيو ڪاسيس چيو هو ته آفتن سان منهن ڏيڻ جي حوالي سان پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ واري مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن لاءِ هن کي پاڪستان ۾ موجودگي تي فخر آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيندا. پاڪستان جي قديم ثقافتي تاريخ آهي ۽ هي پنهنجي خوبصورت لينڊ سڪيپس سبب سڄي دنيا ۾ سڃاتو وڃي ٿو. سوئيز پرڏيهي وز??ر چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان قدرتي آفتن سبب شديد متاثر ٿي رهيو آهي جنهن سانه رڳو ا??ساني آبادي پر زراعت ۽ بنيادي ڍانچي جو شعبو به بري طرح متاثر ٿئي ٿو. هن چيو ته موسمياتي تبديلين جي حوالي سان سهڪار جي مفاهمت هڪ اهم قدم آهي. هن چيو ته عالمي برادري کي گهرجي ته پاڪستان کي درپيش خطرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجون ذميواريون ادا ڪري. 2010ع ۽ 2022ع ۾ تب??هه ڪن ٻوڏ سبب پاڪستان شديد متاثر ٿيو. سوئز پرڏيهي وز??ر چيو ته منهنجو ملڪ پنهنجي تجربن ۽ وسيلن سان نقصانن کي گهٽ ڪ??ڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏن سبب جاني ۽ مالي نقصان تمام گهڻو آهي. هن چيو ته اسان شراڪتداري جي نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهيون. عالمي ذميواريون آهن ته اسان متحد ٿي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کڻون. ان کان پهرين وز??راعظم محمد شهباز شريف ۽ سوئيز پرڏيهي وز??ر جي موجودگي ۾ پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ وچ ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحيون ڪيون ويون.
پاڪستان دنيا ۾ امن ۽ خوشحالي چاهي ٿو، گڏيل سهڪار سان پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ کي قدرتي آفتن سان تحفظ ۾ مدد حاصل ٿيندي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری