اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) پرڏ??هي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان سان آمريڪي پرڏ??هي کاتي جي قونصلر ڊيرڪ شولي پرڏ??هي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏ??هي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏ??هي سيڪريٽري آمريڪي پرڏ??هي کاتي جي عهديدار جي آجيان ڪندي چيو ته لاڳيتو ٻطرفا دورا پاڪستان ۽ آمريڪا جي مثبت رويي جو مظهر آهن. پرڏ??هي سيڪريٽري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻئي مڊ ليول دفاعي ڊائيلاگ ۽ واشنگٽن ۾ ٿيندڙ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي فريم ورڪ ايگريمينٽ ڪائونسل جي اجلاس تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن اداراجاتي ڳالهين جي ذري??ي واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، سلامتي، ماحولياتي تبديلي ۽ صحت جي شعبن ۾ پائيدار تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. ڊاڪٽر اسد مجيد خان زراعت، تعليم، آءِ ٽي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو. آمريڪي پرڏ??هي کاتي جي قونصلر ڊيرڪ شولي چيو ته آمريڪا پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ بحالي جي لاءِ پاڪستان ۽ ان جي عوام سان آمريڪي يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو. پرڏ??هي سيڪريٽري آمريڪي حمايت تي قونصلر جا ٿورا مڃ??ا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته آمريڪا ڊگهي مدي واري بحالي جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي حمايت جاري رکندو. ڊيرڪ شولي سان عالمي ترقي بابت آمريڪي ايجنسي جو قونصلر ڪلنٽن وائٽ، پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ۽ آمريڪي پرڏ??هي کاتي ۾ ڏکڻ ۽ وچ ايشي??ئي معاملن جي بيورو جو پرنسپل اسسٽنٽ سيڪريٽري الزبيٿ هورسٽ پڻ موجود هئا.
پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان سان آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس