اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيشنل انرجي ايفيشينسي اينڊ ڪن??رويشن اٿارٽي (نيڪا) جي نئين سر بحالي، سڌارن ۽ ان جي صلاحيت ۾ اضافي جو وڏو فيصلو ڪن??ي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي سربراهي ۾ بين الوزارتي اسٽيئرنگ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ت??انائي جي بچت لاءِ قدمن تي جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم نيڪا جي ڪارڪردگي ۽ ان ۾ موجود خامين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪن??ي چيو ته ملڪ ۾ وسيلن جو تمام گهڻو زيان ٿي رهيو آهي ۽ ادارا بند پيا آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته نيڪا کي فوري طور تي فعال بڻائڻ جي لاءِ بين الوزارت?? ڪميٽي قدم کڻي ۽ نيڪا جي افرادي قوت ۾ اضافو ڪن??ي شفافيت جي رخ کي مٿانهون رکيو ??ڃي. وزيراعظم نيڪا جي ماهرن جي تعميراتي، صنعتي، مواصلات، پاور ۽ زراعت جي شعبي ۾ ت??انائي جي ڀرپور بچت جي لاءِ وزارتن کي حڪمت عملي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي نيشنل انرجي ايفيشينسي اينڊ ڪن??رويشن اٿارٽي (نيڪا) جي موجوده صلاحيت ۽ ان جي مينڊيٽ جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ??يو. اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته نيڪا جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ ڪي خاطرخواهه قدم نه کنيا ويا. اجلاس کي نيڪا جي بجيٽ جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ??يو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ??يو ته قومي نيشنل انرجي ايفيشينسي اينڊ ڪن??رويشن پاليسي جو مسودو تمام جلد ڪابينا اجلاس ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪيو ??يندو. وزيراعظم نيڪا جي سڌارن جي حوالي سان ٺوس منصوبابندي ڪري ضروري قدمن جو وقت مقرر ڪرڻ ۽ انهن قدمن کي مقرر مدي ۾ يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خرم دستگير خان، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، خاص معاونين جهانزيب خان، سيد فهد حسين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران نيڪا جي نئين سر بحالي، سڌارن ۽ صلاحيت ۾ اضافي جو وڏو فيصلو، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي سربراهي ۾ بين الوزارتي اسٽيئرنگ ڪميٽي قائم
مضمون کا ماخذ : bolão quina