اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تعليم جي ذريعي ئي پاڪستان قومي ترقي کي يقيني بڻائي سگهي ٿو ۽ غربت، بيروزگاري، عدم برداشت ۽ انتهاپسندي جو خاتمو ڪري سگهي ٿو. اي??ان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب 24 هين اي?? سي ايس ڪانووڪيشن جي تقريب نيشنل ڊفينس يونيورسٽي (اين ڊي يو) اسلام آباد ۾ ٿي. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خاص مهمان هو. تقريب ۾ 4 پي ايڇ ڊي، 48 اي?? فل ۽ 208 بي ايس گريجوئيٽس کي ??گر??ون ڏنيون ويون. پهرين ۽ ٻي پوزيشن حاصل ڪندڙن کي ميڊلز ۽ امتيازي سندون پڻ ڏنيون ويون. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي فارغ ٿيندڙ شاگردن کي انهن جي تعليمي ڪيريئر ۾ هڪ اهم سنگ ميل کي مڪم?? ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته تعليم جي ذريعي ئي پاڪستان قومي ترقي کي يقيني بنائي سگهي ٿو ۽ غربت، بيروزگاري، عدم برداشت ۽ انتهاپسندي جو خاتمو ڪري سگهي ٿو. آخر ۾ هن سمورن فارغ ٿيندڙ شاگردن، انهن جي والدين ۽ گهرڀاتين کي پنهنجي تعليم کي ڪاميابي سان مڪم?? ڪرڻ تي دلي مبارڪباد ڏني. اي?? ڊي يو جي صدر ليفٽيننٽ جنرل نعمان محمود تقريب کي خطاب ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪنهن به قوم جو ڪردار ان جي تعليمي ادارن ۾ جڙي ٿو. هن چيو ته تعليمي ۽ تحقيق ۾ اعليٰ معيار حاص?? ڪرڻ جي لاءِ اي?? ڊي يو پنهنجي شاگردن کي علم حاص?? ڪرڻ جي لاءِ سازگار ماحول ۽ لاڳاپيل سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته اي?? ڊي يو گريجوئيٽس کي پيشيواراڻي ڪيريئر ۾ ڪردار ۽ عزم جو مظاهرو ڪرڻ جي لاءِ تيار ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي جنهن جا شاندار نتيجا آيا آهن. ان کان اڳ اي?? ڊي يو جي صدر ليفٽيننٽ جنرل نعمان محمود تقريب ۾ خاص مهمان، معززين، استادن، والدين ۽ شاگردن جو استقبال ڪيو.
تعليم جي ذريعي ئي پاڪستان قومي ترقي کي يقيني بڻائي سگهي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil