اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شير?? رحمان چيو آهي ته آئين معطل ٿيو ۽ اسيمبليون ٽوڙيون ويون، ڪجهه منٽن ۾ اهڙو فيصلو ٿ??و ته پاڪستان بدترين ٻه واٽي تي اچي ويو آهي، اڄ سڄي ملڪ جون ن??رون سپريم ڪورٽ تي آهن، اميد آهي ته نظريه ضرورت کي هميشا لاءِ دفن ڪيو ويندو. انهن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ جي ٻاهر پيپلز پارٽي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. شير?? رحمان چيو ته اسان نٿا چاهيون هڪ تڪراري ??ليڪشن ٻيهر ٿئي، چاهيون ٿا ليول پليئنگ فيلڊ هجي، اسان بار بار واضح ڪيو آهي ته چونڊ سڌارا هجڻ گهرجن، اسانکي اهو قابل قب??ل نه ٿيندو ته سڌارن کانسواءِ ايندڙ چونڊن لاءِ وڃون، گڏجي ويهي چونڊ سڌارا ڪريون، چونڊ قانونن ۾ ترميم ڪري ??سان اڳتي وڌنداسين. هن چيو ته پنجاب اسيمبلي ۾ پڻ اربع تي کلواڙ ڪيو ويو، آئيني حقن کي سلب نه ڪيو وڃي، ان رواج کي هٿي نه ڏنو وڃي. شير?? رحمان چيو ته آئين معطل ٿيو ۽ اسيمبليون ٽوڙيون ويون، ڪجهه منٽن ۾ اهڙو فيصلو ٿ??و ته پاڪستان بدترين ٻه واٽي تي اچي ويو آهي، پنجن ڏينهن کان سڄو ملڪ معطل آهي، پاڪستان جي آئين کي انصاف گهرجي، اهو عوام جو ڪيس آهي، سڄي ملڪ جون ن??رون سپريم ڪورٽ تي آهن، اميد آهي ته نظريه ضرورت کي هميشا لاءِ دفن ڪيو ويندو. هن چيو ته ڇا اسانجا سمورا ايم اين ايز غدار آهن ان حوالي سان اسانکي ٻڌايو وڃي، ثبوت کڻي اچو اسان پڻ ڏسنداسين ته ڪير غدار آهي، تحريڪ انصاف اڳ ۾ ئي حق ۽ انصاف جو دامن ڇڏي ڏنو هو. ان موقعي تي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پنجون ڏينهن آهي اسانجو ملڪ آئين کانسواءِ هلي رهيو آهي، اسان ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ خلاف پاڻ مرادو نوٽس جي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ کي قب??ل ڪيو آهي، اسانجي ڪوشش هئي ته فل ڪورٽ بينچ بڻائي وڃي. هن چيو ته 176 پارليمينٽيرين تي غداري ??و الزام لڳايو ويو آهي، ٻڌايو وڃي ته غدار ڪير آهي
سڄي ملڪ جون نظرون سپريم ڪورٽ تي آهن، اميد آهي ته نظريه ضرورت کي هميشا لاءِ دفن ڪيو ويندو: شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات