اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته شطرنج جي راند مخالف ڌر شروع ڪئي آه?? ان کي ختم اس??ن ڪنداسين، 27 مارچ تي تاريخي جلسو ٿيندو، اتحادي حڪومت جو حصو آه?? ۽ حڪومت جو حصو ئي رهندا، سپريم ڪورٽ جا سمورا جج قابل احترام آه??، ن ليگ جي بينچ جي خلاف مهم جي مذمت ڪريون ٿا، بار ايسوسيئيشن کي ڪنهن هڪ سياسي پارٽي جي سبسڊري نه بڻجڻ گهرجي، پاڪستان جي سمورين بار ڪائونسلز کي سپريم ڪورٽ بار جي اهڙن ماڻهن جي رويي ۽ ڪردار جو نوٽيس وٺندي انهن جو گهيراءُ ڪرڻ لا??ِ اڳتي وڌڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته سپريم ڪورٽ جا سمورا جج قابل احترام آه??، ن ليگ سوشل ميڊيا تي ان بينچ جي خلاف مهم شروع ڪئي جنهن جي اسان سخت مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان کي سپريم ڪورٽ تي مڪمل اعتماد آه??، اميد آه?? ته معاملا آئين ۽ قانون موجب اڳتي وڌندا. چوڌري فواد حسين چيو ته سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي ميمبر جي حيثيت سان ذاتي طور تي منهنجا سپريم ڪورٽ بار جي ب??ڊي تي سخت خدشا آه??، هن چيو ته سپريم ڪورٽ بار سمورن ماڻهن کان ووٽ وٺي منتخب ٿيندي آه??، بار ايسوسئيشن کي ڪنهن هڪ سياسي پارٽي جي سبسڊري نه بڻجڻ گهرجي، وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي سمورن بار ڪائونسلز کي سپريم ڪورٽ بار جي اهڙن ماڻهن جي رويي ۽ ڪردار جو نوٽيس وٺندي انهن جو گهيراءُ ڪرڻ اڳتي وڌڻ گهرجي. چوڌري فواد حسين چيو ته پوري دنيا ۾ بار ايسوسيئيشن سياسي معاملن تي پاڻ کي مٿانهون رکندي ڪردار ادا ڪندي آه?? پر هتي بار ايسوسيئيشن پنهنجو پاڻ کي هڪ سياسي پارٽي سان جوڙي ورتو آه??، هن چيو ته سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي ب??ڊي ۾ هڪ ٻن ماڻهن سپريم ڪورٽ بار کي يرغمال بنائي رهيو آه??،انهي رويي جي ڪري لاهور بار ۾ ان گروپ کي شڪست به ٿي. هن چيو ته وڪيل بار ايسوسيئيشن جي موجوده قيادت سان نفرت جو اظهار ڪيو آه??، ان تي وڌيڪ آواز اٿندو. وفاقي وزير چيو ته اسان جو سڄو ڌيان 27 مارچ جي جلسي تي آه??، 27 مارچ تي پي ٽي آءِ جو تاريخي جلسو ٿيندو، شطرنج جي راند مخالف ڌر شروع ڪئي هئي ان کي ختم اس??ن ڪنداسين، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سپريم ڪورٽ جلسن جي حوالي سان فيصلي ۾ واضح گائيڊ لائينز ڏنيون آه??، مخالف ڌر جلسي جي اڃان تائين درخواست ناهي ڏني، ڪالهه مخالف ڌر پنهنجو پروگرام به تبديل ڪري ڇڏيو آه??، لڳي ٿو ته مخالف ڌر جلسو نه ڪندي، 27 مارچ تي صرف پي ٽي آءِ جو جلسو ٿيندو، هڪ ٻي سوال تي وفاقي وزير چيو ته اتحادي حڪومت جو حصو آه?? ۽ حڪومت جو حصو ئي رهندا، اتحادين جي سپورٽ به انهي سرپرائيز جو حصو آه?? جنهن جو ذڪر وزيراعظم ڪالهه اربع تي ڪيو آه??.
شطرنج جي راند مخالف ڌر شروع ڪئي آهي ان کي ختم اسان ڪنداسين: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ