اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ساحلي سياحت جي فرو?? لاءِ قدمن کي تيز ڪرڻ ۽ ان سان گڏوگڏ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان بحري معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر ز??دي ۽ آمريڪن بزنس ڪائونسل پاڪستان جي ايگزيڪيٽو ميمبر عدنان اسد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عدنان اسد وزيراعظم کي بزنس ڪائونسل جي ميمبرن ۽ سيڙپڪارن جي موجوده حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي نتيجي ۾ وڌندڙ اعتماد جي باري ۾ آگاهه ڪ??و، پاڪستان جي سياحت جي شعبي ۾ آمريڪي ڪمپنين جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير سيد علي حيدر ز??دي وزيراعظم کي ساحلي سياحت جي موجوده صلاحيت ۽ وزارت جي ان جي فرو?? لاءِ کنيل قدمن کان به آگاهه ڪ??و. وزيراعظم ساحلي سياحت کي فرو?? لاءِ کنيل قدم تيز ڪرڻ ۽ ان سان گڏوگڏ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون.
وزيراعظم پاران ساحلي سياحت جي فروغ لاءِ قدمن کي تيز ڪرڻ ۽ ان سان گڏوگڏ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل