لاهور – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته 400 ارب روپين جي لاڳت سان پنجاب جي هر خاندان ل??ءِ هيلٿ انشورنس فلاحي رياست پاران ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو قدم آهي، مارچ 2022ع تائين پنجاب جي هر خاندان وٽ صحت ڪارڊ هوندو جنهن سان هو ساليانو 10 لک روپين تائين جو علاج ڪرائي سگهندا، خيبرپختونخوا ۾ هر خاندان کي صحت ڪارڊ ڏنو ويو آهي جڏهن ته بلوچستان، آزاد ڪشمير، گگت بلتستان ۾ به هر خاندان ??ائين صحت ڪارڊ پهچائينداسين. هو گورنر هائوس لاهور ۾ نئون پاڪستان قومي صحت ڪارڊ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي پنجاب جو گورنر چوڌري محمد سرور، پنجاب جو وڏو وزير عثمان ??وزدار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جو خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد سميت وفاقي ۽ صوبائي وزير ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر به موجود هئا. وزيراعظم ان موقعي تي لاهور ڊويزن ل??ءِ قومي صحت ڪارڊ ورهائڻ جو آغاز ڪيو ۽ پنجاب جي وڏي وزير ۽ سندس ٽيم کي ان ا??قلابي قدم تي خراج تحسين پيش ڪيو، وزيراعظم چيو ته ايڏا وڏا فيصلا هر ڪوئي نٿو ڪري سگهي، اڄ تائين ڪنهن حڪومت ايڏو وڏو فيصلو ناهي ڪيو، هن ٻڌايو ته مون پهريون ڀيرو برطانيه جي دوري دوران ??تي فلاحي رياست ڏٺي، فلاحي رياست اها هوندي آهي جيڪا عام ماڻهو جي بنيادي ضرورت پوري ڪندي آهي ۽ چاهي ٿي ته پورو ملڪ خوشحال هجي، اسان ??ي نبي ڪريم ﷺ جڏهن مديني جي فلاحي رياست ٺاهي ته ڪمزور طبقن جي ذميداري کنئي ۽ پهريون ڀيرو اهڙو ماڊل کڻي آيو پر افسوسناڪ ڳالهه آهي ته اهو ماڊل مسلم دنيا ۾ نظر نٿو اچي، اهو ڊينمارڪ، ناروي، سوئيڊن سميت يورپي ملڪن ۾ نظر اچي ٿو، وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ اسان کي اهو رستو ڏيکاريو آهي ته جيڪو به انسان ??حمت اللعالمين نبي ﷺ جي رستي تي هلندو الله تعاليٰ ان ک?? عظمت ڏيندو. هن چيو ته پوري يقين سان چئي سگهان ٿو ته پاڪستان ۾ ڪنهن به يورپي ملڪن کان وڌيڪ وسيلا آهن پر بدقسمتي سان ??سان ??ا ماڻهو يورپي ملڪ وڃڻ ل??ءِ سڪندا آهن ڇو ته اتي خوشحالي آهي، هن چيو ته دنيا جي تاريخ جو واحد ملڪ جيڪو اسلام جي نالي تي ٺهيو اهو پاڪستان ??هي پر اسان ا?? رستي تي نه هلياسين جيڪو فلاحي رياست طرف وڃي ٿو. هن چيو ته هتي حڪمرانن تقريرن ۾ ۽ ڪجهه ملڪ کي ايشين ٽائيگر بڻائڻ جو چيو پر اهو اسان کي معلوم هجڻ گهرجي ته ڪو به ايشين ٽائيگر مديني جي رياست جو مقابلو نٿو ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت ان ??ستي تي هلي رهي آهي جيڪو قوم ج?? عظمت جو رستو آهي، هاڻي پنجاب ۾ 400 ارب روپين سان هر خاندان کي هيلٿ انشورنس ملندي ۽ اهو وقت ٻڌائيندو ته هي منصوبو ميٽرو بس، اورينج ٽرين کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ عوام کي فائدو پهچائيندو. وزيراعظم چيو ته قوم کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته الله تعاليٰ قرآن ڪريم ۾ حڪم ڏنو ته رحمت اللعالمين ﷺ جي رستي تي هلو ۽ اهو ئي رستو اسان ??ي ل??ءِ بهتري جو رستو آهي ۽ ان ??ان ا??سان ??مام وڏو انسان ??ڻجندو آهي. عمران ??ان چيو ته يونيورسل هيلٿ انشورنس جو منصوبو صحت جي شعبي ۾ انقلاب آڻيندو جنهن سان هڪ هيلٿ اسٽرڪچر بڻجي ويندو ڇو ته پهرين حڪومت کي فنڊز خرچ ڪري اسپتال ٺاهڻا پوندا هئا جنهن کي موجوده دور ۾ پنجاب ۾ نون اسپتالن جي تعمير تي جيتري رقم خرچ ٿي رهي آهي تاريخ ۾ ان ??و مثال نٿو ملي، ڄاڻايل منصوبي کانپوءِ نجي شعبو پاڻ اسپتال ٺاهيندو، ان کي حڪومت طبي اوزار جي ڊيوٽي فري درآمد، زمين جي فراهمي سميت مراعتون فراهم ڪندي. وزيراعظم چيو ته حڪومت تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گهٽ آمدني واري طبقي ل??ءِ بئنڪن کان قرضن جو بندوبست ڪيو جنهن ل??ءِ 110 ارب روپين جا قرض منظور ٿي چڪا آهن جڏهن ته 34 ارب رو??يا ماڻهن کي ملي چڪا آهن. اهڙي طرح ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت 20 لک خاندانن کي اخوت جي ذريعي گهر ٺاهڻ ل??ءِ قرض ڏنا ??يا وڃن جڏهن ته شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ ڪاروبار ل??ءِ 5 لک روپين جا بنا وياج قرض فراهم ڪيا ??يا وڃن، ان کانسو??ءِ احساس راشن پروگرام ۾ 54 سيڪڙو آبادي کي اٽو، گيهه، داليون 30 سيڪڙو سبسڊي سان فراهم ڪئي پئي وڃي، انهن سمورن قدمن جو مقصد اهو آهي ته مديني جي رياست جيڪو رستو ڏيکاريو اسان ا?? تي هلون. هن چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته پنجاب دليري سان هيلٿ انشورنس جي منصوبي کي شروع ڪيو ۽ اسان ??ي پوري تياري آهي ته ان منصوبي جي راهه ۾ ايندڙ مسئلن کي به ختم ڪنداسين ۽ مارچ تائين پوري پنجاب جي گهراڻن کي هيلٿ ڪارڊ ملي ويندو. ان کان ??ڳ وزيراعظم عمران ??ان مختلف شعبن سان ??علق رکندڙ ماڻهن ۾ قومي صحت ڪارڊ ورهايا. واضح رهي ته پنجاب ۾ هن وقت تائين ڊيره غازي خان ۽ ساهيوال ڊويزن ۾ نئون پاڪستان قومي صحت ڪارڊ فراهم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته لاهور ڊويزن ۾ پهرين جنوري 2022ع، راولپنڊي ڊويزن ۾ 20 جنوري، فيصل آباد ڊويزن ۾ 9 فيبروري، ملتان ڊويزن ۾ 22 فيبروري ۽ باقي ڊويزنن ۾ 31 مارچ 2022ع تائين هيلٿ انشورنس فراهم ڪئي ويندي. تقريب کي پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان ??وزدار به خطاب ڪيو.
مارچ 2022ع تائين پنجاب جي هر خاندان وٽ صحت ڪارڊ هوندو: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا