اسلام آباد-03 ڊس??بر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري سيالڪوٽ واقعي کي بي رح??اڻو ۽ قابل مذمت قرار ڏيندي چيو آهي ته واقعي جي شفاف ۽ غير جانبداراڻي جاچ ڪئي ويندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پنجاب حڪومت ۽ سيالڪوٽ انتظاميه کي 24 ڪلاڪن اندر جوابدارن تائين پهچڻ ۽ گرفتاريءَ جا حڪم ڏنا ويا آهن. پوري رياست ۽ پاڪستاني شهري ان بي رح??اڻي واقعي جي مذمت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هر پرڏيهي ۽ اقليتن جي مال ۽ جان جي حفاظت رياست جي ذميداري آهي. سيالڪوٽ جو واقعو عدالت کان مٿانهون ۽ ملڪ ۾ مذهبي منافقت پيدا ڪرڻ جي ڪِريل سازش آهي. گستاخ رسول ۽ توهين مذهب جي سزا لاءِ ملڪي قانون موجود آهي، هر مجرم کي قانون جي سامهون آندو ويند??. ا??ڙا واقعا بين الاقوامي سطح تي پاڪستان جي بدناميءَ جو سبب بڻجن ٿا.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ