اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سان متحده عرب امارات (يو اي اي) جي سفير عماد عبيد ابراهيم الزابي ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون، سي??حت، واپار ۽ ماحولياتي تبديلين سميت گڏيل دلچسپي جي م??املن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته گرين ڊپلوميسي مل??ن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ نيون راهون فراهم ڪندي آهي، هن چيو ته متحده عرب امارات ۽ پاڪستان گڏيل اعتماد تي ٻڌل خوشگوار لاڳاپن مان م??تف??د ٿي رهيا آهن، متحده عرب امارات پاڪستانين جي لاءِ ٻي گهر وانگر آهي، ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جا وسيع امڪان موجود آهن جن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. مملڪتي وزير ٽيڪسٽائيل ۽ گارمينٽ جي صنعت ۾ ڪاروباري صلاحيتن جي فروغ لاءِ يو اي اي جي سفير الزابي جي فيصل آباد جي دوري کي ساراهيو، مملڪتي وزير فرخ حبيب يو اي اي جي سفير کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان جون زرعي م??نوعات سڄي دنيا ۾ مشهور آهن، پاڪستاني واپارين جي ذريعي انهن شين کي وچ اوڀر جي م??رڪيٽن تائين پهچ مل?? سان ترقي جا نوان موقعا ميسر ايندا، ڌرين ٻنهي مل??ن جي سرڪاري نيوز ايجنسين جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، ان سان ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ آزاداڻي م??لومات جي فراهمي ۽ هڪٻئي جي ثقافت کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي.
اطلاعات ۽ نشريات جي مملڪتي وزير فرخ حبيب سان يو اي اي جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا