اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ مناسب اضافو ڪيو آهي، بجيٽ ۾ وڌيڪ وڌا??ين??اسين، مهانگائي گهٽ ڪرڻ لاءِ پورو زور لڳا??ين??اسين، قيمتون گهٽ ٿيندي نظر اينديون، سينيٽ اليڪشن ۾ ٻولي??ن لڳي ويون آهن، سينيٽ اليڪشن جي خريد ۽ وڪري جي معاملي تي وڊيو جي جاچ لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي آهي، پي ڊي ايم چوري بچايو موومينٽ آهي، اهي رليف چاهين ٿا پر رليف نه ملندو، تحريڪ لبيڪ سان معاهدي جي مطالبن کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، سياستدانن اربين روپين جي سرڪاري زمينن تي قبضا ڪيو آهي، جيڪڏهن حڪومتي پارٽي جي ميمبر سرڪاري زمين تي قبضو ڪيو آهي ته شڪايت ڪ??يو، ايڪشن ورتو ويندو. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالها??ين??ي وزيراعظم عمران خان چيو ته سينيٽ جي اليڪشن ۾ گذريل 30 سالن کان ووٽ خريد ۽ وڪرو ٿيندا پيا اچن ۽ پئسو پارٽي قيادت تائين ويندو آهي، ڪنهن ان کي روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي، وڊيو جيڪڏهن ??سا?? وٽ پهرين هجي ها ته جن ٻن ميمبرن کي ??سا?? گذريل سينيٽ اليڪشن ۾ پارٽي مان ڪڍيو هو انهن جي خلاف عدالت ۾ پيش ڪريون ٿا، هن چيو ته ??سا?? کي خبر آهي ته سينيٽ جي اليڪشن ۾ ٻولي??ن لڳي ويون آهن، بلوچستان جي سينيٽ جي سيٽ جي قيمت 50 کان 70 ڪروڙ روپيا هلي وئي آهي، سينيٽ اليڪشن ۾ ايم پي اي پنهنجو ضمير وڪڻندا ۽ اهي سينيٽرز جيڪي پئسو ڏئي ضمير خريد ڪندا اهي ڪهڙي پاڪستان جي جمهوريت جي خدمت ڪندا،.
سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ مناسب اضافو ڪيو آهي، بجيٽ ۾ وڌيڪ وڌائينداسين: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا