اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي نامياري ترقي پسند شاعر احمد فراز جي اڄ 12 هين ورسي ملهائي ويندي، احمد فراز جو پورو نالو سيد احمد شاهه علي هو، احمد فراز 12 جنوري 1931ع تي ڪوهاٽ ۾ جنم ورتو ۽ 25 آگسٽ 2008ع تي اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪيو، احمد فراز جو پاڪستان جي ترقي پسند شاعرن ۾ وڏو نالو آهي، س??دس 12 هين ورسي جي موقعي تي اڄ اڪيڊمي اديبات پاڪستان پاران رٿيل پروگرام ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز اديبن سان گڏجي احمد فراز جي قب?? تي فاتحه خواني ڪري گلن جي چادر چاڙهيندو ۽ اڪيڊمي ۾ دعائيه تق??يب ۾ شريڪ ٿيندو. اڪيڊمي اديبات پاڪستان جي پهرئين سربراهه ۽ پاڪستان جي شهر آفاق شاعر احمد فراز جي 12 هين ورسي جي موقعي تي اڪيڊمي اديبات پاڪستان جي اهتمام هيٺ اڄ اڱاري ڏينهن 10 وڳي اڪيڊمي اديبات پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر يوسف خشڪ جي قيادت ۾ اڪيڊمي جي آفيسرن ۽ عملي ۽ ليکڪن سان گڏ ايڇ 8 قب??ستان ۾ پنهنجي والد احمد فراز جي قب?? تي گلن جي چادر چاڙهيندو ۽ فاتحه خواني ڪندو، ان کانپوءِ اڪيڊمي اديبات پاڪستان جي ڪانفرنس هال ۾ احمد فراز جي لاءِ مختصر دعائيه ويهڪ منعقد ٿيندي جنهن ۾ ليکڪ ?? ٻيا شرڪت ڪندا.
پاڪستان جي نامياري ترقي پسند شاعر احمد فراز جي اڄ 12 هين ورسي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز اديبن سان گڏجي قبر تي چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪندو
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔