چنگ ڊاو – 08 جون (اي پي پي) صدر ممنون حسين شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي 18 هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ چين جي چئن ??ينهن جي دوري تي پهچي ويو آهي، آمد تي چين جي نائب پرڏيهي وزير ڪانگ ??وانگ يو ۽ صوبي شان دائونگ ??ي وائس گورنر ايرونگ ??ندس استقبال ڪيو. پرڏيهي معاملن واري سيڪريٽري تهمينه جنجوعه ۽ چين ۾ پاڪستان جو سفير مسعود خالد به ان موقعي تي موجود هئا، چيني هٿياربند فوج جي دستي صدر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو جڏهن ته روايتي لباس پاتل ٻن ٻارن کيس گلدستو به پيش ڪيو. صدر اڄ ڇنڇر ڏينهن شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي 18 هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ڪانفرنس 9 ۽ 10 جون تي چين جي ساحلي ۽ صنعتي شهر چنگ ڊائو ۾ ٿي رهي آهي، ايس سي او ۾ پاڪستان جي شموليت کانپوءِ هي ??هر??ن سربراهه ڪانفرنس آهي، صدر کي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت چين جي صدر شي جن پنگ ڏني هئي.
صدر شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ چين پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2