رياض-19 نومبر (اي پي پي) سعودي پرڏيهي وزير شهزاده ??يصل بن فرحان چيو آهي ته اسرائيل جارحيت خ??ي کي وسيع جنگ طرف ڌڪي رهي آهي. العربيه اردو موجب سعودي پرڏيهي وزير شهزاده ??يصل بن فرحان چيو ته غزه ۽ لبنان ۾ جاري اسرائيلي جارحيت انساني فسادن کي جنم ڏنو آهي ۽ جارحيت خ??ي کي وسيع جنگ طرف ڌڪي رهي آهي، قانون ۽ عالمي ادرن جي ساک تباهه ٿي رهي آهي. هن چيو ته سڄي دنيا جي ملڪن جو اهو موقف آهي ته وچ اوڀر ۾ جاري جنگ فوري بند ڪئي وڃي، بغير ڪنهن رڪاوٽ جي انساني امداد کي پهچڻ ڏنو وڃي. يرغمالين کي آزادڪيو وُڃي ۽ ٻه رياستي حل جي بنياد تي مستقل امن جي سنجيده ??اسداري کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته دنيا کي هن وقت ڇڪتاڻ، فوجي تڪرار ۽ انساني بحران درپيش آهي، اهي شيون ترقي جي هدف کي يقيني بنائڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيون آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں