رام الله – 6 نومبر (اي پي پي ) فلسطين کي پورهئي جي عالمي اداري (آئ?? ايل او ) ۾ مبصر رياست جو درجو ملي ويو آهي. فلسطيني خابرو ا??اري مطابق آئ?? ايل او جي گورننگ بورڊ، عرب ٽ??يڊ ??ون??ن ڪنفيڊريشن جي صدر شاهر سعد سميت عرب ۽ عالمي ??ون??نز جي نمائندن جي شرڪت سان ??ڪ اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ فلسطين جي تنظيم ۾ حيثيت کي قومي آزادي تحريڪ کان ” مبصر رياست “ ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو منظور ڪيو ويو آهي. شاهر سعد ٻڌايو ته اهو فيصلو حتمي طور تي جون 2025ع ۾ ٿيندڙ عالمي ليبر ڪانفرنس ۾ منظور ڪيو ويندو. هن اشارو ڪيو ته اهو فيصلو فلسطين کي آئ?? ايل او جي سموري تنظيمي ڍانچي ۾ مڪمل شرڪت جو حق ڏئي ٿو ۽ شريڪ ميمبرشپ ۾ وڃڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو . هن ٻڌايو ته فلسطين پهريون ڀيرو 2025 ع ۾ حڪومت، مزدورن ۽ مالڪن تي ٻڌل هڪ ٽه ڌري سرڪاري وفد سان گڏ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو . انٽر نيشنل ٽ??يڊ ??ون??ن ڪنفيڊريشن (آئ?? ٽي يو سي ) جي جنرل سيڪريٽري لڪ ٽرائينگل چيو ته پورهئي بابت عالمي اداري طرفان تسليم ڪرڻ فلسطيني عوام لاءِ اميد ۽ انهن سان ??ڪجهتي جي علامت آهي، جيڪي انساني ۽ مزدور حقن جي معاملي ۾ وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن . ٽرائينگل زور ڀريو ته فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ پائيدار امن لاءِ ضروري آهي. عرب ٽ??يڊ ??ون??ن ڪنفيڊريشن جي جنرل سيڪريٽري هند بن عمار چيو ته عرب ۽ عالمي ??ون??ن ڪنفيڊريشنز فلسطين جي آواز کي بلند ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيون آهن ۽ انهن جو مقصد فلسطين کي آئ?? ايل او گورننگ بورڊ ۾ مڪمل ميمبرشپ تائين وٺي وڃڻ آهي.
فلسطين کي پورهئي جي عالمي اداري ۾ مبصر رياست جو درجو ملي ويو
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر