برسلز-29 آڪٽوبر (اي پي پي) يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سيڪيورٽي پاليسي بابت نمائندي جوزف بوريل چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ ج??ڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان پن??نجي انسانيت وڃائي ويٺا آهيون. عرب نيوز موجب هن چيو ته اسان هڪ وڏي باهه جي ڪناري ??ي زندگي گذاري ??هيا ??هيون، جيستائين غزه ۽ لبنان ۾ جنگ جاري ??هندي اسان هڪ چڻنگ جي ڪناري ??ي ئي رهنداسين، جيڪا هڪ وڏي باهه جو سبب بڻجندي. هن چيو ته جيئن ته گڏيل قومن پاران نشاندهي ڪئي وئي آهي ته ٻئي عالمي جنگ کانپوءِ شديد ۽ سنگين ترين انساني بحران غزه ۾ آيو آهي. وچ اوڀر ۾ ج??ڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته اسان انسانيت وڃائي ويٺا آهيون. يورپي يونين جي نمائندي نوٽ ڪيو ته هر ڪنهن کي اهو خدشو آهي ته اسرائيل ايران جي ايٽمي يا ??يل ٺڪاڻن تي حملو ڪندو. هن وچ اوڀر ۾ ويڙهه کي روڪڻ لاءِ مجبوري قدم لاڳو ڪرڻ جي اپيل ڪئي. هن چيو ته يورپي يونين جو هر ملڪ اسرائيل کي هٿيارن جو وڪرو روڪڻ بابت پن??نجو فيصلو پاڻ ڪندو. اهو ڪو گڏيل فيصلو نه هوندو. هر ملڪ ڪنهن شيءِ جي مناسب هجڻ جو فيصلو ڪندوآهي ۽ مان ان کي ڪو به ڪم ڪرڻ کان نٿو روڪي سگهان ۽ نه ڪجهه ڪرڻ جي سفارش ڪري ??گهان ٿو. اسپين، اٽلي يا فرانس هٿيارن جو وڪرو ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پر ٻين ملڪن جرمني جي مثال وانگر عسڪري ??مداد کي تقويت ڏئي رهيا ??هن، مطلب اتي ڪو به گڏيل لائحه عمل ناهي.
غزه ۽ لبنان ۾ جاري جنگ هڪ وڏي باهه جو سبب بڻجندي: يورپي يونين
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔