پيانگ يانگ-31 آڪٽوبر(اي پي پي) اتر ڪوريا نومبر ۾ بين البراعظم بيليسٽڪ مي??ائل (آئي سي بي ايم ) لانچ ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ڏکڻ ڪوريا جي دفاعي اطلاعات ايجنسي (ڊي آئي اي ) جي آفيسرن قومي ??سمبلي ۾ پارلياماني ميمبرن کي بريفنگ ڏني. بريفنگ کانپوءِ ڏکڻ ڪوريا جي ميمبرن ميڊيا کي ٻڌايو ته اتر ڪوريا نومبر ۾ مي??ائل تجربو ڪري سگهي ٿو. 5 نومبر تي آمريڪي چونڊن کان اڳ يا بعد ۾ پنگي – آري سائيٽ مان آئي سي بي ايم ڇڏي سگهي ٿي. پارلياماني ميمبر ٻڌايو ته تياريون مڪمل آهن ۽ موبائل لانچر مخصوص علائقي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. پيانگ يانگ حڪومت پاران ان لانچ جو مقصد اهو آهي ته جيئن هُو مي??ائل جي تجربن سان ٻيهر پنهنجي ٽيڪنالاجي جي آزمائش ڪري سگهي. جاپاني خابرو ايجنسي ٻڌايو ته نئين آزمائش جو وقت اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان پاران طئي ڪيو ويندو، 5500 ڪلوميٽرن کان مٿي مار ڪندڙ بيليسٽڪ مي??ائلن جي بين البراعظمي ??ور درجه بندي ڪئي ويندي آهي ۽ انهن کي پهري?? حصي ۾ ايٽمي ??جربن لاءِ ڊزائن ڪيو ويو آهي. پيانگ يانگ هاڻي تائين پنگي آرسائيٽ مان 2006ع ، 2009ع ، 2013ع ، 2017ع ۾ هڪ ۽ 2016ع ۾ ٻه ايٽمي ??جربا ڪيا.
اتر ڪوريا پاران بين البراعظم بيليسٽڪ ميزائل جي تجربي جون تياريون مڪمل
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس