بيجنگ-12 ڊسمبر (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي پنهنجي ايراني هم منصب حسين امير عبدالهيان ??ان فون تي ڳالهه ٻولهه دوران غزه جي صورتحال ۽ ٻه طرفه لاڳاپن ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. چيني خابرو اداري جي رپورٽ مطابق وانگ يي چيو ته فلسطيني اسرائيل تڪرار تي چين جو مؤقف جنگبندي ۽ تڪرارن کي جلد کان جلد ختم ڪرائڻ، انساني امداد کي يقيني بنائڻ ۽ ٻه رياستي حل طرف واپسي آهي. ايراني پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت دوران غزه ۾ انساني بنيادن تي جنگبندي لاءِ چين جي ڪوششن کي ساراهيو. چيني پرڏيهي وزير چيو ته سندس ملڪ جو مؤقف عرب ملڪن جي مؤقف ??ان هڪجهڙائي رکي ٿو ۽ اسلامي ملڪن ۽ عالمي برادري ??ان تمام گهڻو هم خيال آهي. هن چيو ته سڄي دنيا جي ملڪن کي غزه جي صورتحال تي مضبوط آواز بلند ڪرڻ گهرجي ۽ تڪرارن تي وڌيڪ متحد مؤقف بڻائڻ گهرجي. چين ۽ ايران وچ ۾ لاڳاپن جي حوالي ??ان وانگ يي چيو ته سندس ملڪ ايران ??ان هن سال ٻنهي ملڪن سربراهن جي ملاقاتن دوران چين جي صدر شي جن پنگ ۽ ايراني صدر ابراهيم رئيسي وچ ۾ طئي ٿيل اتفاق راءِ کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ تيار آهي. ايراني پرڏيهي وزير چيو ته ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٽياڪڙي تي چين جا شڪرگذار آهيون ۽ ايران مختلف شعبن ۾ چين ??ان سهڪار کي مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل ناتن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تيار آهي.
چيني پرڏيهي وزير جو ايراني هم منصب سان ٽيليفون رابطو
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina