اسلام آباد -04 اپريل (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) چيو آهي، ته پاڪستان جي معيشت کي لڳاتار ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته م??بو?? ملڪي معيشت ۽ ڍانچي وار سڌارن سان پاڪستان جي معيشت ۾ ٻيهر اڀرڻ جي صلاحيت موجود آهي. اها ڳالهه بئنڪ طرفان جاري ڪيل ايشين ڊولپمينٽ آئوٽ لڪ اپريل 2023ع جي فليگ شپ اقتصادي رپورٽ ۾ چئي ويئي آهي. پاڪستان ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ينگ يي ٻڌايو آهي ته پاڪستاني معيشت کي لڳاتار ڏکيائيون درپيش آهن ?? گذريل سال جي تباهه ڪندڙ ٻوڏ معاشي مالياتي چئلينجن کي وڌيڪ وڌايو آهي. هن چيو ته انهن ڏکيائين باوجود م??بو?? ميڪرو اڪنامڪ ۽ ڍانچي وار سڌارن سان پاڪستان جي معيشت اڀري سگهي ٿي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل سال جي تباه ڪن ٻوڏ سبب وڌندڙ مهانگائي?? ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۽ ناڻي جي ذخيرن جي بحران جي تناظر ۾ مالي سال 2023ع ۾ ملڪي اقتصادي ترقي جي رفتار سست رهڻ جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته جاري مالي سال ۾ ملڪ جي اقتصادي اوسر جي شرح 0.6 سيڪڙو ۽ ايندڙ سال ۾ 2 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته مالي سال 2023ع ۾ مالي خسارو جي ڊي پي جي 6.9 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. عالمي مالياتي فنڊ جو پروگرام جاري رهڻ سان خساري م گهٽتائي ايندي.
ملڪ جي مضبوط معيشت ۽ ڍانچي وار سڌارن سان پاڪستان جي معيشت ٻيهر اڀري سگهي ٿي: ايشيائي ترقياتي بئنڪ
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ