اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) صنعت پيداوار ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽيءَ بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين کنڊ جي قيمتن ۾ واڌ جي خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ت?? کنڊ جي قيمت 140 رپين جي حد کان گهٽ آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ت?? کنڊ جي ريٽيل قيمت 130 ۽ هول سيل 125-124 رپيا آهن. چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي کنڊ جي قيمتن جي سخت نگراني ڪئي پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ميڊيا کي ذميداراڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ غلط ڄاڻ نه ڦهلائين، کنڊ جي قيمتن ت?? ڪنٽرول لاءِ حڪومت ج?? اثرائتا قدم جاري آهن. عوام کي خاطري ڪرائي وئي ت?? کنڊ جي قيمتون قابو ۾ آهن.
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش