اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد ش??با?? شريف ”ون واٽر سمٽ“ ۾ شرڪت جي لاءِ 3 ۽ 4 ڊسمبر تي سعودي عرب جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب سعودي عرب، فرانس، قازقستان ۽ عا??مي بئنڪ جي حصيداري سان منعقد سمٽ جو مقصد عا??مي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ اعليٰ سطحي سياسي واعدن جي ذريعي پاڻي وسيلن جي انتظام جي لاءِ ٺوس عا??مي موقف کي فروغ ڏيڻ آهي. بيان موجب وز??را??ظم سربراهي اجلاس ۾ اهم خطاب ڪندو جنهن ۾ تازي پاڻي جي وسيلن ۽ آبي زمينن جي ڏس ۾ بحالي، تحفظ ۽ موافقت تي ڌيان ڏنو ويندو. وز??را??ظم محمد ش??با?? شريف پاڪستان پاران پاڻي جي تحفظ کي فروغ ڏيڻ، آبهوا ۾ تبديلي جي اثرن کي برداشت ڪرڻ، پاڻي جي معيار کي بهتر بڻائن، روزگار جا ذريعا وڌائڻ ۽ حياتياتي جيوت جي تحفظ جي لاءِ کنيل قدمن تي پڻ روشني وجهندو. وز??را??ظم موسمياتي تبديلين سبب ٻوڏن، غيرمعمولي ۽ انتهائي موسمي حالتن ۽ پاڻي وسيلن ۽ ماحولياتي نظام تي گرمي جي دٻاءُ جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عا??مي تعاون جي اهميت سان گڏوگڏ پاڻي وسيلن جي پائيدار انتظام جي لاءِ بامعنيٰ عا??مي تعاون تي پڻ زور ڏيندو. سربراهي اجلاس جي موقعي تي وز??را??ظم جون ٻطرفيون ملاقاتون ۽ مصروفيتون متوقع آهن.
وزيراعظم ون واٽر سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ 3 ۽ 4 ڊسمبر تي سعودي عرب جو دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں