اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي ??ي) نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان اٽلي جي سفير ميريلنيا آرميلن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ زرعي ۽ ڊيري مصنوعات جي پيداوار جي حوالي سان گڏيل سهڪار تي زور ڀريو ويو. نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزا??ت جي ترجمان مطابق وفاقي وزير چيو ته اٽلي ۽ پاڪستان وچ ۾ ??هر?? لاڳاپا گڏيل سهڪار جي بنياد تي آهن. دنيا کي فوڊ سيڪيورٽي جا چئلينجز درپيش آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف خاص طور تي زرعي پيداوار جي شعبي کي هٿي وٺرائڻ تي توجهه ڏئي رهيو آه??. و??اقي وزير چيو ته پاڪستان کير جي پيداوار جي حوالي سان پهرين صف جي ملڪن ۾ شامل آهي. اٽلي پاڪستان مان اُٺ جو کير آمدني واپار ڪري ??گهي ٿو. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستاني زرعي مصنوعات جي روانگي واپار لاءِ ڪيترائي موقعا موجود آهن. مصنوعات جي ڪوائلٽي کي بهتر ۽ ويليو ايڊڊ بنائڻ لاءِ حڪومت ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي.
وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان اٽلي جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز