اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي ته چين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو ??هي، چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ معاشي لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار چيويافو جي چيئرمين جي قيادت ۾ روئي گروپ جي 9 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو ??نهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، سي??پڪ??ري ۽ نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ روئي گروپ جي وچ ۾ معاملا اڳتي وڌائ?? جي حوالي سان اسلام آباد ۽ بيجنگ ۾ ورڪنگ گروپس قائم ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو. وزيراعظم جي تازي چين جي دوري کانپوءِ پاڪستان ۾ چيني سي??پڪ??ري جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ چين جو روئي گروپ پاڪستان ۾ عالمي معيار جا ٽيڪسٽائيل پارڪس قائم ڪندو. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ??ه چين پاڪستان جو اهڙو دوست ملڪ آهي جيڪو هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو ??هي. چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ معاشي لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪندي چيو ??ه روئي گروپ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه تحت ساهيوال ڪول پاور پلانٽ جو پهريون سي??پڪ??ر هو. وزيراعظم روئي گروپ جي پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ سي??پڪ??ري جي حوالي سان گهري دلچسپي کي ساراهيو. روئي گروپ جي چيئرمين چيويافو چيو ??ه اسان سي??پڪ??ر جي حيثيت سان نه پر پاڪستان جي دوست جي حيثيت سان پاڪستان آيا آهيون. روئي گروپ جي چيئرمين وزيراعظم کي بطور پنجاب جي وڏي وزير جي دور ۾ تيز رفتار ترقياتي ڪمن جي حوالي سان پنجاب ۽ شهباز اسپيڊ جو ذڪر ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هن ڀيري به ترقياتي منصوبن جي تڪميل ۾ اها ئي رفتار ڏسڻ لاءِ ملندي. ان موقعي تي هن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ??ه روئي گروپ سنڌ صوبي ۽ پنجاب صوبي ۾ عالمي معيار جا ٽيڪسٽائيل پارڪس قائم ڪندو جنهن ۾ چين جي 100 جي لڳ ڀڳ وڏين صنعتن کي سي??پڪ??ري جي دعوت ڏني ويندي. انهن ٽيڪسٽائيل پارڪس جو محور پاڪستان جو ٽيڪسٽائيل روانگي واپار وڌائڻ ۽ پاڪستان کي دنيا جو ٽيڪسٽئايل ۽ گارمينٽس حب بڻائڻ آهي. انهن ٽيڪسٽائيل پارڪس ۾ شمسي توانائي جو استعمال ٿيندو ۽ اهي زيرو ڪاربن ۽ خودڪار جديد ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪندا. انهن پارڪس سان پهرين مرحلي ۾ 2 ارب آمريڪي ڊالر جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ 5 ارب آمريڪي ڊالر جي برآمدات متوقع آهي. انهن ٽيڪسٽائيل پارڪس سان 3 لک کان 5 لک مقامي ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ٿيندا. انهن ٽيڪسٽائيل پارڪس جو سنگ بنياد هن سال جي آخر ۾ رکيو ويندو ۽ اهي ٽن سال جي مدي ۾ مڪمل ٿيندا. روئي گروپ ڪراچي ۽ لاهور ۾ هڪ هڪ هول سيل ڪموڊٽي مرڪز پڻ قائم ڪندو. ان موقعي تي وزيراعظم نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ خصوصي ڪميٽي جوڙ?? جي هدايت ڪئي. ڪميٽي ۾ واپار وارو وفاقي وزير، سي??پڪ??ري ۽ نجڪاري وارو وفاقي وزير، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير، پرڏيهي سيڪريٽري، خصوصي سي??پڪ??ري سهولت ڪائونسل جو نمائندو ۽ ظفرالدين محمود شامل هوندا. وزيراعظم سان وفد جي ملاقات کانپوءِ سي??پڪ??ري بورڊ ۽ روئي شيڊونگ گروپ جي وچ ۾ پاڪستان ۾ جديد ٽيڪسٽائيل پارڪس قائم ڪر?? جي حوالي سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحن واري تقريب ٿي جنهن ۾ وزيراعظم پڻ شرڪت ڪئي.
چين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک