اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته موٽر ويز ۽ هاءِ ويز جي سروس ايرياز ۾ شيون مهانگيون ٿيڻ جو ن??ٽي?? ورتو وڃي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ موٽر ويز ۽ هاءِ ويز جي سروسز ايرياز ۾ کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ٿيڻ جي معاملي تي آسيه ناز تنولي جي ڌيان ڇڪايو ن??ٽي?? تي وفاقي وزير عبدالعليم خان ايوان کي ٻڌاي?? ته اها حقيقت آهي ته انهن ايرياز ۾ اگهه وڌيڪ آهن، پرائيس چيڪنگ اختيار ضل??ي ۽ صوبائي انتظاميه جو آهي، وزارت ضلعي انتظاميه جي سهڪار سان چيڪنگ پڻ ڪئي آهي. هن چي?? ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويند?? ته سروسز ايرياز ۾ شين جا اگهه ۽ معيار معمول موجب هجي ۽ ان حوالي سان قدم کنيا ويندا. زهره ودود فاطمي جي سوال تي هن چي?? ته چيڪنگ جا اختيار مقامي ميجسٽريٽ وٽ هوندا آهن، جيڪڏهن انهن ايرياز ۾ معيار موجب شيون نه هونديون ته انهن خلاف ڪارر??ائ?? ٿيندي، اگهن کي معمول تي آڻڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. وفاقي وزير چي?? ته انهن ايرياز ۾ هاڻي برانڊز پنهنجا آئوٽ ليٽس کوليا آهن، ابرابر احمد جي سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته ضلعي انتظاميه سميت وزارت پڻ چيڪنگ جي حوالي سان هڪ طريقيڪار تيار ڪندي، هن چي?? ته جي ٽي روڊ جي حالت صحيح ڪرڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي.
موٽر ويز ۽ هاءِ ويز جي سروس ايرياز ۾ شيون مهانگيون ٿيڻ جو نوٽيس ورتو وڃي: وفاقي وزير عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری