لاهور-25 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي، ته پاڪستان دنيا ۾ واحد ملڪ آهي، جيڪو ڪلمه طيبه جي بنياد تي وجود ۾ آيو، جنهن به هن ملڪ سان غداري ڪئي بربادي ان جو مقدر بڻي، مان ڪڏهن به عه??ي پٺيان ناهيان ڊوڙيو، ڪيترن ئي حڪومتي عه??ن تي رهيس ۽ هميشه ملڪ جي خدمت ڪئي. انهن خيالن جو اظهار هن حضرت داتا گنج بخش علي هجويري جي عرس مبارڪ جي ٻئي ڏينهن محفل موسيقي کي خطاب ڪن??ي ڪيو. ان موقعي تي خوراڪ وارو صوبائي وزير بلال ياسين به ساڻس گڏ هو. ڊپٽي وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو ته مون کي م??مد نواز شريف جي هر حڪومتي دور ۾ ڪيترائي اهم عه??ا مليا، ڪيترن ئي عه??ن تي مقرر ٿيڻ تي م??ن پاڪستان جي ڀرپور خدمت ڪئي ۽ هميشه پنهنجي ذاتي مفادن تي ملڪي مفادن کي ترجيح ڏني آهي. هن چيو ته هي هڪ روحاني ڳالهه آهي ته مان جڏهن بي ڪام جي تعليم مڪمل ڪئي، ان وقت کان وٺي اڄ تائين حضرت داتا گنج بخش جي م??ار تي حاضري ڏئي رهيو آهيان، هي انهن هستين جو هڪ طرفو ڪرم آهي، باقي م??ن ته گنهگار ماڻهو آهيان، اها به الله تعاليٰ جي ڪرم نوازي هوندي آهي ته هڪ گنهگار کان نيڪي جو ڪم وٺي. اسحاق ڊار چيو ته حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته جڏهن به ننڍي کنڊ جي ان خطي ڏانهن ڏسندو آهيان ته مون کي اتان ٿڌڙي هير اي??دي م??سوس ٿيندي آهي. محفل موسيقي ۾ ويٺل ماڻهن کي م??اطب ٿيندي نائب وزيراعظم چيو ته جتي اوهان اڄ ويٺا آهيو، اتي ڪيترائي فوٽ گند ڪچري جا ڍير هوندا هئا، هتي پهرين ڪمرشل مارڪيٽ ٺهڻي هئي، پوءِ هتي م??جد تعمير ڪئي وئي ته جيئن جي ٽي روڊ کان مسجد ۾ داخل ٿيڻ ۾ آساني ٿي سگهي.
پاڪستان ڪلمه طيبه جي بنياد تي وجود ۾ آيو، ڪيترن ئي حڪومتي عهدن تي رهي ملڪ جي ڀرپور خدمت ڪئي: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo