اسلام آباد – 8 آگسٽ (اي پي پي ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ميجر طفيل محمد شهيد (نشان حيدر ) کي 66هين شهادت جي ڏهاڙي جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته بنا ڪنهن شڪ جي شهيدن جي ڏنل قربانين عيوض اڄ اسان هتي کليل هوائن ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جي ??يڪ??يٽريٽ مان جاري ڪيل بيان مطابق ميجر طفيل محمد شهيد جي 66 هين شها??ت جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اسپيڪر چيو ته ميجر طفيل 1958ع ۾ لڪشمي پور ۾ دشمنن خلاف بهادري سان وڙهندي حياتي جو نظرانو پيش ڪيو. سندس بي مثال شجاعت جي اعتراف ۾ کيس ملڪ جي اعلى ترين عسڪري اعزاز نشان حيدر ??ان نوازيو ويو. سڄي قوم ميجر طفيل محمد جي 66هين شها??ت جي ڏهاڙي جي موقعي تي کيس سلام پيش ڪري ٿي. قوم کي پنهنجي بهادر ??پوتن تي فخر آهي. هن چيو ته پاڪ فوج جي پنهنجي ملڪ لاءِ ڏنل قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. شهيدن جون قربانيون اتح??د، اخوت ۽ ڀائيچاري جو سبق ڏين ٿيون. اسپيڪر الله تعالى کان ميجر طفيل محمد شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاران ميجر طفيل محمد شهيد کي خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن