آستانه – 21 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان پاران شنگهائي تعاون تنظيم جي چارٽر سان گڏوگڏ ”شنگهائي اسپرٽ“ جي پختگي سان پاسداري جو ??رجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان تنظيم جي ميمبر ملڪن سان گڏيل لاڳاپن جي فروغ کي ترجيح ڏي ٿو، ايس سي او فورم کي استعمال ۾ آڻي درپيش چئلينجز جو حل ڳولي ??گهجي ٿو، اجتماعي تعاون تي ٻڌل موقف جي ذريعي دهشتگردي جي خطري جو ??قابلو ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آستانه قزاخستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪي??. نائب وزيراعظم پاڪستان پاران ايس سي اوجي چارٽر سان گڏوگڏ ”شنگهائي اسپرٽ“ جي پختگي سان پاسداري جو ??رجاءُ ڪي?? جيڪو گڏيل خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ گڏيل اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل آهي. هن ايس سي اوڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي موجوده سربراهه جي طور تي پاڪستان جي ترجيحن جي وضاحت ڪئي ۽ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي پاسداري تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ماڻهن جي خودمختياري جي حق ۽ پراڻي تڪرارن جي پرامن حل تي زور ڏنو. هن گڏيل تعاون تي ٻڌل موقف جي ذريعي دهشتگردي جي خطري جو ??قابلو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن دهشتگردي کي سياسي فائدي جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي لاءِ ناقص ۽ خودغرضي تي ٻڌل مفادن کي رد ڪرڻ تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم غزه ۾ اسرائيل جي وحشياڻي حملي ??ي شديد مذمت ڪئي ۽ چيو ته اسرائيلي ??ملن جي نتيجي ۾ 35 هزار کان وڌيڪ بيگناهه شهري مارجي ويا، جن ۾ اڪثر عورتون ۽ ٻار هئا. نائب وزيراعظم پاڪستان پاران غيرمشروط ۽ فوري جنگبندي ۽ انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي مطالبي جو ??رجاءُ ڪي??. هن پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ ٻه رياستي حل کي سمجهڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ان موقعي تي اسحاق ڊار افغانستان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪندي عالمي برادري کان افغانستان جي حقيقي اقتصادي ۽ ترقياتي ضرورتن جي لاءِ عبوري افغان حڪومت سان بامعنيٰ رابطو قائم رکڻ تي زور ڏنو. هن عبوري افغان حڪومت تي پڻ زور ڏنو ته اها ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته افغان سرزمين ڪنهن ملڪ جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿئي. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ شنگهائي تعاون تنظيم جي خطي جي لاءِ هڪ مثالي واپاري ۽ لنگهه جي مرڪز جي حيثيت رکي ٿو. هن علائقائي رابطن ۽ اقتصادي هم آهنگي جي لاءِ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪي??. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ايران جي صدر ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير ۽ سندن ساٿين جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي دلي ??عزيت جو اظهار پڻ ڪي??.
ايس سي او فورم کي استعمال ۾ آڻي درپيش چئلينجز جو حل ڳولي سگهجي ٿو: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش