اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف عل?? زرداري پاڪستان ۽ ت??ڪي?? جي وچ ۾ عوامي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ روڊ ۽ ريل ٽرانسپورٽ کي وڌائڻ تي زور ڏيند?? چيو آهي ته اهو اچ وڃ جو سستو ذريعو آهي جنهن سان نه رڳو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌندا پر ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن ۾ به اضافو ٿيندو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار چيف آف ترڪ جنرل اسٽاف جنرل متين گورڪ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وفد سان گڏ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪم??ٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ۽ پاڪستان ۾ ت??ڪي?? جو سفير ڊاڪٽر مهمت پاچاجي پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. صدر وفد جي آجيان ڪند?? چيو ته پاڪستان ت??ڪي?? سان گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن ٻن ڀائر ملڪن جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ ٻطرفي ثقافتي مٽاسٽا خاص طور تي ادب ۽ شاعري جي شعبن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ت??ڪي?? پاڪستان جو مخلص دوست آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن کي ٻنهي ڌرين جي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي وڌيڪ چ??و ته پاڪ ترڪ لاڳاپا اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي ڪري وڌيڪ بهتري طرف گامزن آهن. ان کان اڳ ايوان صدر ۾ منعقد هڪ خصوصي تقريب ۾ صدر آصف عل?? زرداري پاڪستان ۽ ت??ڪي?? جي وچ ۾ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ فروغ ڏيڻ جي لاءِ شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ ت??ڪي?? ج?? چيف آف اسٽاف جنرل متين گورڪ کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو.
پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ عوامي رابطن لاءِ روڊ ۽ ريل ٽرانسپورٽ اچ وڃ جو سستو ذريعو آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا