اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) ۽ ٻين اتحادي پارٽين جو صدارتي اميدوار آصف علي زرداري 411 ??وٽ حاصل ڪري صدر مملڪت چونڊجي ويو. سندس مقابلي ۾ مخالف ڌر جي پارٽين جو اميدوار مح??ود خان اچڪزئي 181 ??وٽ حاصل ڪيا. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل غير حتمي سرڪاري نتيجن موجب صدر مملڪت جي چونڊ لاءِ مجموعي طور پارليامينٽ ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ پنج پولنگ اسٽيشن قائم ڪيا ويا هئا، قومي اسيمبلي هال ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن لاءِ قائم پولنگ اسٽيشن مان حڪمران اتحاد جي اميدوار آصف علي زرداري 411 وٽ حاصل ڪري ڪامياب ٿي ويو. جڏهن ته سندس مقابلي ۾ سني اتحاد ڪ??ئو??سل ۽ ٻين مخالف ڌر جي پارٽين جو اميدوار مح??ود خان اچڪزئي 181 ??وٽ حاصل ڪري سگهيو. قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جي ٽوٽل 1044 اسيمبلي ميمبرن پنهنجي ??وٽ جو حق استعمال ڪيو جن مان مسلم ليگ (ن)، پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين، متحده قومي موومينٽ پاڪستان، پاڪستان مسلم ليگ، تحريڪ استحڪام پاڪستان، بلوچستان عوامي پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي ۽ ٻين حڪمران پارٽين جي گڏيل اميدوار اڳوڻي صدر آصف علي زرداري 411 ??وٽ حاصل ڪيا. پولنگ جو عمل 4 وڳي تائين جاري رهيو، اعلان ڪيل نتيجن موجب صدر مملڪت جي چونڊ لاءِ اليڪٽوريل ??اليج ۾ ڪل ??وٽ 1185 هئا جن مان 92 سيٽون خالي آهن، ڪل 1044 ووٽرن پنهنجي ??وٽ جو حق استعمال ڪيو جن مان 9 ??وٽ رد ٿي ويا، 1035 ??وٽ درست قرار ڏنا ويا، پرزائيڊنگ آفيسرن طرفان حتمي نتيجا ملڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن طرفان ڪامياب اميدوار جو نوٽيفڪيشن اڄ آچر تي جاري ڪيو ويندو.
مسلم ليگ (ن) ۽ ٻين اتحادي پارٽين جو صدارتي اميدوار آصف علي زرداري 411 ووٽ حاصل ڪري صدر مملڪت چونڊجي ويو
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil