اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) شريف ۽ زرداري خاندان سميت ملڪ جي ڪيترن ئي اهم سياستدان جا رت جا رشيدار اڄ خميس ڏينهن ٿيندڙ عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي مختلف تڪن ??ان اميدوار آهن. مولانا فضل الرحمان ۽ سندس ٻه پٽ، اڳوڻو وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ۽ سندس ٻه پٽ، پنجاب جو اڳوڻو گورنر مخدوم سيد احمد محمود جا ٽي پٽ عام چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. تفصيلن موجب اڳوڻو وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جو قائد محمد نواز شريف قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 15 مانسهره ۽ اين اي 130 لاهور ??ان اميدوار آهي، جڏهن ته سندس ڌيءَ مريم نواز شريف لاهور مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين ??ي 119 ??ان اميدوار آهي. اڳوڻو وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جو صدر شهباز شريف قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 123 لاهور ۽ اين اي 132 قصور ??ان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي، جڏهن ته سندس پٽ حمزه شهباز شريف لاهور مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين ??ي 118 ??ان اميدوار آهي، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 207 شهيد بينظير آباد ??ان اميدوار آهي جڏهن ته سندس پٽ ۽ پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اين اي 127 لاهور، اين اي 194 لاڙڪاڻو ۽ اين اي 196 شهدادڪوٽ ??ان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي. اڳوڻو وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 148 مل??ان ??ان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي جڏهن ته سندس پٽ سيد علي موسيٰ گيلاني اين اي 151 مل??ان ۽ عبدالقادر گيلاني اين اي 152 مل??ان مان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. جمعيت علماءُ اسلام (ف) جو سربراهه مولانا فضل الرحمان قومي اسيمبلي جي ٻن تڪن اين اي 44 ڊيره اسماعيل خان ۽ اين اي 265 پشين مان اميدوار آهي جڏهن ته سندس پٽ مولانا اسعد محمود اين اي 43 ٽانڪ ۽ ٻيو پٽ اسجد محمود اين اي 41 لک مروت ??ان اميدوار آهن. پنجاب جي اڳوڻي گورنر سيد احمد محمود جا پٽ مرتضيٰ محمود اين اي 169 رحيم يار خان، اين اي 173 رحيم يار خان ??ان سيد مصطفيٰ محمود ۽ اين اي 174 رحيم يار خان ??ان ??ثم??ن محمود چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. پنجاب جو اڳوڻو گورنر ذوالفقار خان کوسو جو پٽ دوست محمد خان کوسو اين اي 185 ۽ 186 جڏهن ته سندس پٽ سيف الدين کوسا اين اي 184 ڊيره غ??زي خان ??ان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. قصور مان اين اي 134 ??ان رانا محمد حيات ۽ اين اي 135 ??ان رانا محمد اسحاق چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن جيڪي ٻئي سڳا ڀائر آهن. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 150 مل??ان ??ان اڳوڻو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو پٽ زين قريشي جڏهن ته اين اي 151 مل??ان ??ان سندس ڌيءَ مهر بانو قريشي چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. قومي اسيمبلي جي تڪ اين 94 چنيوٽ ??ان قيصر احمد شيخ جڏهن ته اين اي 237 ڪراچي ايسٽ ??ان سندس پٽ ريحان قيصر احمد شيخ چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 62 گجرات ??ان موسيٰ الاهي ۽ اين اي 63 ??ان حسين الاهي اميدوار آهن جيڪي چوڌري وجاهت حسين جا پٽ آهن. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 49 اٽڪ ??ان ميجر (ر) طاهر صادق اميدوار آهي جڏهن ته اين اي 50 ??ان سندس ڌيءَ ايمان طاهر چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 43 ٽانڪ ۽ اين اي 41 لڪي مروت ??ان ترتيبوار انور سيف الله ۽ سليم سيف الله خان اميدوار آهن جيڪي پاڻ ۾ سڳا ڀائر آهن. ان کانسواءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ڪيترائي اميدوار پاڻ ۾ رت جا رشتيدار آهن.
شريف ۽ زرداري خاندان سميت ملڪ جي ڪيترن ئي اهم سياستدان جا رت جا رشيدار عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي مختلف تڪن تي اميدوار طور ميدان ۾ لٿل
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل