اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل سجاد غني (رٽائرڊ) کي ايوان صدر ۾ منعقد ٿيندڙ تقريب ۾ پِي اِي سي ايڪس لينس ايوارڊ عطا ڪيو. واپڊا پڌرائي موجب واپڊا چيئرمين کي اهو ايوارڊ ”لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ“ جي ڪيٽيگري ۾ نمايان قومي خدمتن، سول انجنيئرنگ جي شعبي ۾ سندس سروسز، قومي مقصد ۾ قيادت ۽ لڳاءُ جي بنياد تي ڏنو ويو آهي. ايوارڊ عطا ڪرڻ جي تقريب پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي اهتمام هيٺ ٿي. واپڊا چيئرمين جي حيثيت سان انجنيئر ليفٽيننٽ جنرل سجاد غني (رٽائرڊ) واپڊا کي هڪ ڪارائتو ۽ بهترين نتيجا ڏيندڙ ادارو بڻائڻ جي لاءِ غيرمعمولي قائداڻي ۽ بهترين انتظامي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو. هن پاڻي ۽ پن بجلي جي شعبن ۾ قومي اهميت جي منصوبن تي تع??يراتي ڪم جي رفتار کي وڌايو. مالي ڏکيائين جي باوجود واپڊا جي 8 تع??ير هيٺ منصوبن تي تع??يراتي سرگرميون بنا رڪاوٽ جاري آهن، جيڪي بطور چيئرمين سندس وڏ?? ڪاميابين مان هڪ آهي. واپڊا جا تع??ير هيٺ منصوبا 2024ع کان 2029ع تائين مرحليوار مڪمل ٿيندا ۽ انهن جي تڪميل تي ملڪ ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت ۾ 9.7 ملين ايڪڙ فوٽ جڏهن ته سستي پن بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اٽڪل 10 هزار ميگاواٽ اضافو ٿيندو. انجنيئر ليفٽيننٽ جنرل سجاد غني (رٽائرڊ) جي سربراهي ۾ داسو هائيڊرو پا??ر پراجيڪٽ تي فيبروري 2023ع ۾ جڏهن ته ديامير ڀاشا ڊيم تي ڊسمبر 2023ع ۾ دريا جو رخ موڙڻ جو سنگ ميل عبور ڪيو ويو. اميد آهي ته ايندڙ 3 مهينن ۾ مهمند ڊيم پراجيڪٽ تي پڻ درياءَ جو رخ موڙڻ جو اهم هدف حاصل ڪيو ويندو. ان نوعيت جي ڪم ۾ عام طور 18 کان 24 مهينن جو عرصو گهربل هوندو آهي. انجنيئر ليفٽيننٽ جنرل سجاد غني (رٽائرڊ) جو تع??ق پاڪستان آرمي جي ڪورز آف انجنيئر سان آهي. سندس پيشيواراڻي تجربو 44 سالن تي ٻڌل آهي. هن ملٽري ڪاليج آف انجنيئرنگ رسالپور مان گريجو??يش?? ڪئي جڏهن ته يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي لاهور مان ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪئي. هڪ نوجوان انجنيئر جي حيثيت سان هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪيترائي منصوبا تع??ير ڪيا. 03 – 2002ع دوران ڪمانڊر ڪور انجنيئر جي حيثيت سان هن تع??ير ڪراچي پروگرام جي لاءِ سهولتون پهچايون ۽ سنڌ صوبي ۾ آبپاشي ۽ پاڻي جي نيڪال جي ڪيترن ئي منصوبن جو جائزو ورتو. 13 – 2010ع ۾ ڪوارٽر ماسٽر جنرل طور هن آرمي جي آپريشنل ۽ لاجسٽڪ انفراسٽرڪچر جي تع??ير ۽ سارسنڀال ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو. اين ايل سي جي آفيسر انچارج جي حيثيت ۾ هن پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ ڪيترن ئي وڏ?? منصوبن کي تڪميل تائين پهچايو. هن قطر ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستان جي تع??يراتي ڪمپنيون جي سربراهي پڻ ڪئي.
صدر پاران واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل سجاد غني (رٽائرڊ) کي پي اي سي ايڪس لينس ايوارڊ عطا
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری