اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سامونڊي ?? سمنڊ کان ٻاهر تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي ڳولا لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي، پيٽروليم ڪ??نف??نس پاڪستان جي بي پناهه معدني صلاحيت کي مڪمل طور تي استعمال ڪرڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي ته جيئن توانائي ۾ پاڻڀرائپ کي يقيني بڻائي س??هجي ۽ ملڪ کي توانائي جي هڪ علائقائي برآمد ڪندڙ ۾ تبديل ڪري س??هجي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پيٽروليم ڪ??نف??نس 2024ع ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير ڪ??نف??نس جو خاص مهمان هو. صوبائي وڏن وزيرن، توانائي واري نگران وفاقي وزير، پيٽروليم واري سيڪريٽري، حڪومتي نمائندن، پاليسي سازن، توانائي ۽ پيٽروليم سيڪٽر جي غيرملڪي ۽ ملڪي سيڙپڪارن ۽ عالمي نمائندن پڻ ڪ??نف??نس ۾ شرڪت ڪئي. ڪ??نف??نس کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي. هن سامونڊي ?? سمنڊ کان ٻاهر تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي ڳولا جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم ??نف??اسٽرڪچر جي ترقي، لاجسٽڪس ۽ سيڪيورٽي ۾ ڳولا ۽ پيداوار جي ڪوششن کي س??هه ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته هي ڪ??نف??نس پاڪستان جي بي پناهه معدني صلاحيت کي مڪمل طور تي استعمال ڪرڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي ته جيئن توانائي ۾ پاڻڀرائپ کي يقيني بڻائي س??هجي ۽ ملڪ کي توانائي جي هڪ علائقائي برآمد ڪندڙ ۾ تبديل ڪري س??هجي. هن خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) ۽ توانائي واري وفاقي وزارت کي قاعدن ۽ ضابطن ۽ طريقيڪار کي هموار ڪري سيڙپڪارن جي لاءِ سازگار ماحول کي فروغ ڏيڻ کي ساراهيو. ڪويت فارن پيٽروليم ايڪسپلوريشن ڪمپني جي ڪنٽري مئنيجر ??لي طحيٰ التميمي پاليسي سفارشون جوڙڻ ۽ پيٽروليم جي شعبي ۾ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ ڌرين کي گڏ ڪرڻ ۾ پاڪستان جي حڪومت جي اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو.
پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری