ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي وڏي عمر، معذوري ۽ غيرمتعدي مرضن ۾ مبتلا ماڻهن جي لاءِ معا??ن ٽيڪنالاجي تائين عالمي پهچ کي لازمي قرار ڏيندي عالمي اڳواڻن تي زور ڏنو ته اهي قومي منصوبن ۽ پائيدار ترقي جي هدفن جي حڪمت عملين ۾ معا??ن ٽيڪنالاجي جي انضمام کي ترجيح ڏين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم 2024ع جي موقعي تي معا??ن ٽيڪنالاجيز جي ذريعي پ??ئيدار ترقياتي هدفن طرف اڳڀرائي جي عنوان سان هڪ تقريب ۾ پنهنجي اهم خطاب دوران ڪيو. ”انلاڪ دي ايوري ڊي“ معا??ن ٽيڪنالاجي (اي ٽي) تي پهريون عالمي مهم جيڪا وهيل چيئر، عينڪن، ٻڌڻ جي اوزارن، مصنوعي عضون ۽ ڊيجيٽل اوزارن جهڙي معا??ن ٽيڪنالاجي جي بنا فرق جي هر ڪنهن جي حق بابت بيداري پيدا ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪئي وئي آهي. بيگم ثمينه علوي چيو ته معا??ن ٽيڪنالاجي پ??ئيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم ذريعو آهي ڇو ته اها خصوصي ضرورتون رکندڙ ماڻهن جي لاءِ تعليم، روزگار ۽ معاشري ۾ شموليت جا موقعا کولي سگهي ٿي. هن سڄي دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جي ماهرن، پاليسي سازن جي وچ ۾ وڌ کان وڌ ت??اون تي زور ڏنو. هن عوامي ۽ نجي شعبن تي زور ڏنو ته اهي ماڻهن کي بااختيار بڻائيندڙ ٽيڪنالاجيز ۾ سيڙپڪاري ڪن. خاتون اول چيو ته عالمي سطح تي 2.5 بلين ماڻهن کي گهٽ ?? گهٽ هڪ معاون پروڊڪٽ جي ضرورت آهي جڏهن ته گهٽ آمدني وارن ملڪن ۾ اها پهچ رڳو 3 سيڪڙو آهي. خاص طور تي گهٽ آمدني وارن ۽ پٺتي پيل ڪميونٽيز جي ماڻهن جي لاءِ استعمال، دستيابي ۽ پهچ اهم چئلينجز بڻيل آهن، اسان کي انهن رڪاوٽن تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته معا??ن ٽيڪنالاجي انهن تائين پهچي وڃي جن کي ان جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي، ان ڏس ۾ ڪنهن کي پٺتي نه ڇڏڻ گهرجي. بيگم ثمينه علوي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان هڪ جامع معاشرو ٺاهڻ ۽ معا??ن ٽيڪنالاجي تائين پهچ کي وڌائڻ جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي خطي ۾ ۽ عالمي سطح تي معا??ن ٽيڪنالاجي جي وڪالت ڪرڻ ۾ سڀ کان اڳتي آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان معا??ن ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ عالمي سطح تي اهم ڪوششون ڪيون آهن جن ۾ علائقائي ۽ عالمي قراردادن جي تجويز ۽ انهن کي اختيار ڪرڻ، اهم تقريبن جي ميزباني، ڊبليو ايڇ او جي معاون مصنوعات جي فهرست جاري ڪرڻ، معا??ن ٽيڪنالاجي جي لاءِ علائقائي اسٽريٽجڪ فريم ورڪ تيار ڪرڻ ۽ معا??ن ٽيڪنالاجي تي عالمي ڪانفرنس شامل آهي. بيگم ثمينه علوي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بهترين طريقن، علم ۽ وسيلن کي ورهائ?? سان عالمي سطح تي گڏيل اثر پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن وڌيڪ چيو ته معا??ن ٽيڪنالاجي عالمي صحت جي ڪوريج ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿي ته صحت جون خدمتون خصوصي ماڻهن سميت هر ڪنهن جي لاءِ پهچ جوڳيون هجن. هن معا??ن ٽيڪنالاجي جي مسلسل جدت ۽ بهترين کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تحقيق ۽ ترقي کي ترجيح ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو.
خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي پاران وڏي عمر، معذوري ۽ غيرمتعدي مرضن ۾ مبتلا ماڻهن جي لاءِ معاون ٽيڪنالاجي تائين عالمي پهچ لازمي قرار
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری