اسلام آباد- 10 جنوري (اي پي پي) تعيلم ۽ پيشوراڻي تربيت بابت نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي خاطري ڪرائي آهي ته ڊيلي ويجز مل??زمن جا مئسلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. تعليم واري وزارت مان جاري ڪيل پريس رليز مطابق هن اها خاطري ڊيلي ويجز مل??زمن جي وفد سان مل??قات دوران ڪرائي. وفاقي وزير چيو ته ڪابينه 227 ڊيلي ويجز مل??زمن کي ريگيولر ڪرڻ جي به منظور ڏني آهي. هن چيو ته انهن ڊيلي ويجز مل??زمن ايف پي ايس سي جي ٽيسٽ پاس ڪئي آهي، ان ڪري انهن کي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي مطابق ريگيولر ڪيو ويندو، جنهن کي سپريم ڪورٽ پڻ برقرار رکيو آهي. هن چيو ته استاد قومن جي جوڙجڪ ڪندا آهن ۽ انهن کي هر طرح جي سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي ته جيئن هو پنهنجو ڪم چڱيءَ ريت انجام ڏئي سگهن. هن سرڪاري شعبي خاص ڪري وفاقي گاديءَ واري ش??ر ?? تعليم جي معيار کي بلند ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته اسڪولن کان ٻا??ر ٻارن جو انگ به اولين ترجيح آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بنائ?? لاءِ سڀ ڪوششون ڪيون پيون وڃن ته ان انگ ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي.
ڊيلي ويجز ملازمن جا مئسلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا: مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری