اسل??م آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڻي جي زيان جو مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ عوام ۾ شعور بيدار ڪرڻ جي ضرورت آهي، گذريل هڪ سال دوران اسل??م آباد ۾ ٽي فلٽريشن پلانٽ هنيا ويا آهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر مشتاق احمد، سينيٽر مهر تاج روغاني ۽ ٻين ??يمبرن جي سوالن جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسل??م آباد ۾ مختلف علائقن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جو مسئلو آهي، ان کي حل ڪرڻ جي لاءِ ??دم کنيا پيا وڃن، پاڻي جو زيان هڪ مسئلو آهي، اهو اهڙو معاملو آهي جيڪو رڳو ڏنڊ سان حل ٿيڻ وارو نه آهي ان جي لاءِ عوام ۾ شعور بيدار ڪرڻ جي پڻ ضرورت آهي، بدقسمتي سان اشرافيه جيترو پاڻي ضايع ڪري ٿي غريب ماڻهو ايترو ضايع نه ٿا ڪن. هن چيو ته قوم عوامي نمائندن جي چونڊ ا??تحصالي نظام جو خاتمو ڪرڻ جي لاءِ ڪري ٿي، جيڪڏهن اهي اهو نه ٿا ڪري سگهن ته اها ناڪامي آهي. هن چيو ته گذريل هڪ سال دوران اسل??م آباد ۾ ٽي فلٽريشن پلانٽ هنيا ويا آهن.
پاڻي جي زيان جو مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ عوام ۾ شعور بيدار ڪرڻ جي ضرورت آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار