راولپنڊي-12 ڊسمبر (اي پي پي) ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيو??ٽي فورسز جي مختلف انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ??ور??ن 27 دهشتگرد مارجي ويا آهن، جڏهن ته دهشتگردن سيڪيو??ٽي فورسز جي چؤڪيءَ تي حملي جي ڪوشش ڪ??ي ۽ آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ عمارت ڪِرڻ سبب پاڪ فوج جا 23 جوان شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته ٻئي واقعي ۾ 2 جوانن شهادت ماڻي. آءِ ايس پي آر مطابق 11 ۽ 12 ڊسمبر جي وچ واري رات ڊيرا اسماعيل خان ضلعي ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، جنهن ??ور??ن دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 17 دهشتگرد مارجي ويا. ڪلاچي ۾ انٽيليجنس تي ٻَڌل هڪ ٻي آپريشن ??ور??ن دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا. شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان به شهيد ٿيا. مارجي ويل دهشتگرد سيڪيو??ٽي فورسز ۽ معصوم شهرين تي حملن ۾ ملوث هئا. ڪاررواين ??ور??ن هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مادو پڻ هٿ ڪيو ويو آهي. 12 ڊسمبر 23ع تي صبح سوير 6 دهشتگردن جي هڪ گروهه درابن ۾ سيڪيو??ٽي فورسز جي چؤڪيءَ تي حملو ڪيو. دهشتگرد چؤڪي ۾ داخل ??يا ۽ بارود سان ڀريل گاڏي داخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي روڪيو ويو ته هن آپگهاتي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ڌماڪي سبب عمارت ڪِري پئي، ان واقعي ۾ پاڪ فوج جا 23 جوان شهيد ٿي ويا. ٻي طرف وقائتي جوابي ڪارروائي ڪئي وئي جنهن ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا. علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻئي دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ سيني ٽائيزيشن آپريشن جاري آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيو??ٽي فورسز ملڪ مان دهشتگرديءَ جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي ۽ اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون آهن.
ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز، 27 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری