اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سو??ان مان پاڪستان??ن جي حفاظت سان ڪڍڻ جي ڪوششن کي ساراهيندي هدايت ڪئي آهي ته سڀني پاڪستان??ن جي حفاظت سان واپسي تائين ڀرپور جذبي سان ڪم جاري رکيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ون?? پاران جاري ب??ان موجب وزيراعظم پاڪستان??ن جي سو??ان مان حفاظت سان وطن واپسي تي ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان??ن جي واپسي جي آپريشن ۾ شريڪ آءِ ايس آءِ سميت سڀني فورسز کي خراج تحسين به پيش ڪيو. وزيراعظم 847 پاڪستان??ن جي حفاظت سان سو??ان جي بندرگاهه پهچڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ 107 پاڪستان??ن جي جده پهچڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم جده ۾ سرڪاري رهائش ۽ پاڪستانين کي وطن واپس آڻڻ جي لاءِ پاڪ فضائيه جي انتظامن کي به ساراهيو. وزيراعظم پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ پرڏيهي وزارت جي سيڪريٽري کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم سو??ان ۾ پاڪستاني سفير مير بهروز ريگي، هيڊ آف چانسلري محمد سعيد، ڊفينس اتاشي ڪرنل محمد هارون، ڪمرشل اتاشي عطاءُ الله کي به خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم سو??ان ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي عملي محمد بلال شفيق ۽ راشد خان کي به خصوصي شاباس ڏني. وزيراعظم ٽيم کي هدايت ڪئي ته سو??ان مان سڀني پاڪستان??ن جي حفاظت سان واپسي تائين ڀرپور جذبي سان ڪم جاري رکن.
وزيراعظم پاران سوڊان مان پاڪستانين جي حفاظت سان ڪڍڻ جي ڪوششن جي ساراهه
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی