اسلام آباد – 04– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري ا??ارن جي بدانتظامي جي خلاف عوامي شڪايتن جي فوري ا??الي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته صوبائي محتسب عوامي ا??تماد برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي فيصلن تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻائين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي محتسب بلوچستان نذر محمد بلوچ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صوبائي محتسب بلوچستان صدر کي ا??اري جي سال 2021ع جي رپورٽ پيش ڪئي. صدر چيو ته سرڪاري ا??ارن جي بدانتظامي جي خلاف عوامي شڪايتن جو فوري ا??الو ضروري آهي، وفاقي ۽ صوبائي محتسبين انصاف جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته محتسبين جون ??دمتون وڌيڪ ماڻهن تائين پهچائڻ جي لاءِ انهن کي مضبوط بڻائڻ لازمي آهي، ماڻهن کي انهن جي درن تي انصاف جي فراهمي لاءِ محتسب جي پهچ کي ڏورانهن علائقن تائين وڌائڻ گهرجي. صدر چيو ته صوبائي محتسب عوامي ا??تماد برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي فيصلن تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻائي، بلوچستان جي عوام کي محتسب جي ڪردار بابت آگاهي ڏيڻ جي لاءِ موثر آگاهي مهم شروع ڪئي وڃي. ملاقات جي موقعي تي صوبائي محتسب صدر کي 2021ع جي ا??اري جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي بابت ٻڌايو. هن چيو ته سندس چارج سنڀالڻ کانپوءِ رجسٽرڊ شڪايتن جو ا??گ ٻيڻو ٿي ويو. صوبائي محتسب بلوچستان چيو ته صوبائي محتسب کي 2021ع ۾ 1321 شڪايتون مليون ??ن مان 1043 شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو. هن چيو ته اڪثر شڪايتون ??عليم ۽ صحت جي کاتن بابت هيون. نذر محمد بلوچ چيو ته بلوچستان جي 7 مختلف ضلعن ۾ عوامي سهولت جي لاءِ کليل ڪچهريون پڻ منعقد ڪيون ويون.
صوبائي محتسب عوامي اعتماد برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي فيصلن تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻائين: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن