اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڀارت ۾ مسلمانن جي خلاف فرقيواراڻي تشدد ۽ نفرت ۾ خطرناڪ حد تائين اضافي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مسلمانن کي انهن جي عقيدي ??ي ڪري هڪ منظم طريقي سان نشانو بڻايو پيو وڃي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان ڀارت کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو اقليتن جي حفاظت، سلامتي ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فو??ي قدم کڻي ۽ انهن کي امن سان پنهنجي عقيدي تي هلڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي اجازت ڏي. ترجمان ان ڏس ۾ ڀارت جي ڏکڻ رياست ڪرناٽڪ ۾ بي جي پي ليڊر ۽ نائب وڏي وزير ڪي ايس ايشورپا جي تازي ريمارڪس جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. هن چيو ته اهي ريمارڪس ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فو??يا جو هڪ ٻيو مظهر آهي. هن چيو ته پاڪستان کي سڄي دنيا ۾ نسل پرستي، زينو فو??يا ۽ اسلامو فو??يا سان تشدد ۾ اضافي تي گهري ڳڻتي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مسلمانن جي منفي پروفائلنگ ۽ بدنامي، اسلامي علامتن ۽ مقدس جاين جي ٽوڙ ڦوڙ، امتيازي قانونن ۽ پاليسين، حجاب تي پابندي ۽ مسجدن تي حملا ٿي رهيا آهن. ترجمان چيو ته اسان کي يورپ ۾ قرآن پاڪ ساڙڻ سميت مسلمانن جي خلاف وڌندڙ نفرت انگيز ڏوهن تي پڻ ڳڻتي آهي. ترجمان امن ۽ رواداري ??ي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ ۽ اسلامو فو??يا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بيداري پيدا ڪرڻ جي لاءِ عالمي مڪالمي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ترجمان چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون جاري آهن. ڀارتي فو??سز گذريل هفتي والاريل ڪش??ير جي ضلعي بارهموله ۾ نام نهاد گهيراءُ ۽ تلاشي ??ي ڪاررواين ٻن ڪش??يري ن??جوانن خورشيد احمد خان ۽ رياض احمد خان کي گرفتار ڪيو. هن چيو ته ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻ محمد اقبال مير، مذهبي اڳواڻ قاضي ياسر ۽ جيل ۾ نظربند ڄمون ۽ ڪش??ير سالويشن موومينٽ جي چيئرمين ظفر اڪبر بٽ جي گهرن تي پڻ ڇاپا هنيا ويا. ترجمان چيو ته ڪش??يرين ۽ انهن جي قيادت کي ڊيڄارڻ ۽ خوفزده ڪرڻ جو اهو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان والاريل ڪش??ير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو. ترجمان چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪش??ير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪش??يري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين.
پاڪستان پاران ڀارت ۾ مسلمانن جي خلاف فرقيواراڻي تشدد ۽ نفرت ۾ خطرناڪ حد تائين اضافي تي گهري ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر