اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستاني قوم، سيڪيورٽي فورسز ۽ فوج دهشتگردي جو جهڙي طرح مقابلو دنيا ۾ ان جو ڪٿي به مثال نه ٿو ملي، حڪومت، فوج ۽ عوام گڏجي ٻيهر دهشتگردي جو مقابلو ڪندا. اهڙن خيالن جو ا??ها?? هن ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور ۾ پوليس لائينز ڌماڪي جي زخ??ين جي عيادت جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڌماڪي جي زخ??ين جي احوال بابت طبي عملي ۽ انتظاميا سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن زخ??ين سان يڪجهتي جو ا??ها?? ڪندي انهن جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. هن ڌ??اڪي ۾ بچي ويندڙ واحد عورت زخمي جي به عيادت ڪئي ۽ واقعي ۾ عورت جي خاندان جي ماڻهن جي شهادت تي افسوس جو ا??ها?? ڪيو. صدر زخ??ين کي ملندڙ طبي امداد تي اطمينان جو ا??ها?? ڪيو ۽ چيو ته پوليس ڌماڪو هڪ تڪليف ڏيندڙ ۽ ڪڌو واقعو هو. هن چيو ته دهشتگردي جو ملڪ ۾ مڪمل خاتمو آڻينداسين ۽ حڪومت، فوج ۽ عوام گڏجي ٻيهر دهشتگردي جو مقابلو ڪندا. هن جو چوڻ هو ته منهنجي اچڻ ۾ دير جو سبب امدادي سرگر??ين ۾ خلل جو سبب نه بڻجڻ آهي. ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ شهيدن جي گهرڀاتين سان گڏ آهيون ۽ زخ??ين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان. صدر چيو ته حڪومت، انتظاميا ۽ ليڊي ريڊنگ اسپتال پاران زخ??ين کي بهترين طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، جن ماڻهن ڌ??اڪي ۾ پنهنجي پيارن کي وڃايو انهن جي نقصان جو ازالو نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته حڪومت پاران شهيدن جي پونئيرن ۽ زخ??ين جي لاءِ امداد خوش آئنده آهي.
پاڪستاني قوم، سيڪيورٽي فورسز ۽ فوج دهشتگردي جو جهڙي طرح مقابلو دنيا ۾ ان جو ڪٿي به مثال نه ٿو ملي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا