اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هڪ پاڳل ملڪ ۾ فساد، انتشار ۽ افراتفري چاهي ٿو ته جيئن ملڪ ۾ معاشي استحڪام نه اچي سگهي، عمران صاحب ”ايمپائر“ ته نيوٽرل هو??دو آهي جنهن کي توهان جانور چئو ٿا، حالتون ملڪ جو نه عمران خان جون تمام خراب آهن ڇو ته سندس گهوڙيُون ٽٽي چڪيون آهن، توهان کي حيرت ان لاءِ آهي ڇو ته ادارا توهان جي گهٽيا سياست جو حصو نه ب??جي رهيا آهن. عمران خان جي بيان تي پ??هنجي ردعمل ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته نالائق نااهل توشه خانه چور عادت کان مجبور ادارن کي پ??هنجي گهٽيا سياست ۾ گهلي رهيو آهي. اليڪشن ڪميشن ۽ عدليه جي ذميواري ب??جي ٿي ته فارن ايجنٽ ۽ توشه خانه جي چور کان حساب وٺي. هن چيو ته فوج ۽ عدليه کي عادت کان مجبور آواز نه ڏي. واپاري ۽ ڪاروباري برادري ۽ آبادگار ڄاڻين ٿ?? ته ملڪ توهان جي معاشي تباهي جي ڀنور ۾ ڦاٿل آهي. عمران خان هڪ پاڳل شخص آهي جيڪو پوري پاڪستان کي به پاڳل سمجهي ٿو. هن چيو ته عمران خان ملڪ کي جنهن ڏيوالپڻي طرف وٺي وڃي رهيو هو، اسان ملڪ کي اتان واپس آڻي رهيا آهيون. عمران خان جي ذميواري رڳو ملڪ کي ڦريل پئسو، رشوت ۾ ورتل زمين، چوري ٿيل هيرا، توشه خانه جي ڦرلٽ ۽ فارن فنڊنگ جو جواب ڏي. عمران خان جي ذميواري آهي ته چار سالن جي معاشي تباهي، ب??روزگاري، مهانگائي ۽ چوري جو جواب ڏي. هن چيو ته عمران خان روئي رڙيون ڪري يا پٽي هاڻي ادارا توهان جي سازشي منصوبابندي جو حصو نه بڻجندا.
هڪ پاڳل ملڪ ۾ فساد، انتشار ۽ افراتفري چاهي ٿو ته جيئن ملڪ ۾ معاشي استحڪام نه اچي سگهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا